شوبز

بالي ووڊ ۾ ٻيهر ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي: سجل علي

پاڪستاني اداڪارا سجل علي چيو آهي تھ بالي ووڊ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي. ڀارتي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي ڇڪتاڻ ۾ آرٽ ۽ آرٽسٽ ڏکيائين مان گذرن پيا. سجل علي جو چوڻ هو تھ فلم موم ۾ سري ديوي سان گڏ ڪم ڪرڻ دوران جهانوي سان دوستي ٿي وئي، يقين ڪيو تھ منهنجي لاءڀ سري ديوي ماءُ جيان هئي، ڇوتھ هن مون کي شفيق ماءُ جهڙو پيار ڏنو هو. هن چيو تھ فلم فلم واٽس لو گاٽ ٽُ ڊو ود اٽ جي شوٽنگ دوران مون کي هدايتڪار شيکر ڪپور ۽ اداڪارا شبانا اعظمي بھ پيار ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button