ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ قتل جا واقعا

Editorial

سنڌ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان قتل جي واقعن ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي. انهن واقعن ۾ عورتن کي نشانو پڻ بڻايو ويو آهي. ڪنهن به شهريءَ جو قتل ٿيڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي. سنڌ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪم بهتر نموني نه ڪري رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي نسيم نگر ۾ هڪ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. جڏهن ته سجاول ۾ هڪ ماڻهوءَ کي ڇريون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل ٿي وئي آهي. قمبر ۾ ڏيرن گوليون هڻي ڀاڄائي ۽ ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب چار ڄڻا مارجي ويا ۽ ڇهه ڄڻا زخمي ٿيا آهن. هي صورتحال مجموعي طور سنڌ جي آهي، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون خراب ٿي رهي آهي، ماڻهن کي رستي ويندي قتل ڪرڻ هڪ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪنهن تڪرار جو نيبرو جڏهن عدالت ۾ ڪيس وسيلي ڪرڻ جو سوچيو وڃي ٿو ته اتي به ڌريون محفوظ نه آهن. ڪڏهن به ڪو قاتل انهن کي عدالت کان ٻاهر واري احاطي ۾ قتل ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو آهي. جيئن قمبر ۾ بوهڙ برادريءَ سان ٿيو آهي. جتي عدالت کان واپس گهر ويندي هڪ ئي ڪنٽب جي ڀاتين کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
ان کانسواءِ ڀنگ لاءِ اغوا ٿيندڙ ماڻهن جا ڪيس الڳ آهي. جن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ سندس وارث ڀنگ طور ڳري رقم ڀريندا رهندا آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عام ماڻهو ڪنهن به ريت محفوظ ڪونه آهن. پر ان سڄي صورتحال کي منهن ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو، اهو ڪم سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا جو آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ پوليس پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته پوءِ قتل جي واقعن کي روڪڻ به ممڪن ڪونه ٿيندو. تنهنڪري سنڌ پوليس کي امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۽ شهرين کي هر حالت ۾ تحفظ فراهم ڪرڻو پوندو. ڇا اها سنڌ پوليس جي ڪوتاهي ۽ بيوسي ناهي ته اها هيترن ڏينهن کان ٿيندڙ قتل جي واقعن کي روڪي نه سگهي آهي. جڏهن ڪو قتل جو واقعي ٿئي ٿو ته پوليس ان جي پوئواري ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هوندي آهي. تنهنڪري جتي به قتل ٿئي ٿو، قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن.
اسين سمجهون ٿا سنڌ ۾ بي گناهه ماڻهو مارڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ پوليس کي هر سطح تي آپريشن ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته پوليس جي اها ذميواري آهي ته اها عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ امن امان واري سوال تي سنجيدگيءَ سان سوچي ۽ جيڪي ماڻهو به قتل جي واقعن ۾ ملوث آهن، انهن کي قانون موجب سزائون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button