رانديون

پاڪستاني فٽبال ٽيم سائوٿ ايشين چيمپيئن شپ کيڏڻ لاءِ ڀارت ويندي

پاڪستان جي فٽبال ٽيم جون مهيني ۾ سائوٿ ايشين فٽبال چيمپيئن ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ويندي، جنهن جي تصديق پاڪستان فٽبال نارلملائيزيشن ڪاميٽي ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سائوٿ ايشين فٽبال چيمپيئن شپ ڀارتي شهر بينگلور ۾ 21 جون کان 3 جولائي تائين ٿيندي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني رانديگرن جي ڀارتي ويزائن جي ڏس ۾ ڪم ڪيو ويندو، تھ جيئن روانگي ۾ ڪا ڏکيائي پيش نھ اچي. جڏهن تھ ايونٽ ۾ شرڪت بابت قومي ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ مئي جي آخر ۾ ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پاڪستاني ٽيم جي ڀارت وڃڻ جو فيصلو حڪومتي اجازت سان مشروط آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button