هڪ عام شهري پنهنجي ماهوار پگهار يا رکيل بجيٽ ۾ ڪيئن گذارو ڪندو آهي، ان جو اندازو اسان جي حڪمرانن کي ڪونه هوندو، ڇاڪاڻ ته انهن جون عياشيون ئي ايتريون آهن جن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. گذريل سال کان مهانگائيءَ ۾ جيڪا واڌ آئي آهي، ان ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ان کان پوءِ هر شعبي ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب نه رڳو حالتون خراب ٿيون آهن پر شهرين لاءِ مهيني ۾ گذارو ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. حالت اها آهي جو شهرين لاءِ اٽو وٺڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي، نتيجي ۾ نه رڳو اهو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي پر هن لاءِ روزمره جي زندگيءَ جا خرچ پورا ڪرڻ به ڏکيا ٿي پيا آهن. اهڙي ريت اهو سلسلو گذريل ڪيتري وقت کان هلي رهيو آهي. عوام مهانگائيءَ جون دانهون ڪندي نٿو ٿڪجي پر حڪمران ان ڳالهه کي قبولڻ لاءِ تيار نه آهن ته مهانگائيءَ جو سبب انهن جون ناقص پاليسيون ۽ ٻاهرين قرض تي ڀاڙڻ آهي. تازو هڪ سروي ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته 91 سيڪڙو پاڪستانين جو مهانگائي سبب گذارو ڏکيو ٿي پيو آهي.
91 سيڪڙو پاڪستانين روزاني شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻي واڌ سبب نه فقط ماهوار گهريلو بجيٽ ۾ گذارو مشڪل قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر خرچ ڪيئن پورا ڪريون ان باري ۾ دٻاءُ هجڻ جو اقرار ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ڳالهه جي خبر گيلپ پاڪستان جي سروي مان پئي جنهن ۾ 1100 کان وڌيڪ ماڻهن سڄي ملڪ ۾ حصو ورتو. سروي ۾ 91 سيڪڙو پاڪستانين روزاني شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب ماهوار بجيٽ ۾ گذاري کي مشڪل قرار ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته رڪارڊ مهانگائي سبب خرچ ڪيئن پورا ڪريون. 7 سيڪڙو ماڻهن ان جي ابتڙ راءِ ڏني ۽ چيو ته ڪابه پريشاني نه آهي. جڏهن ته 2 سيڪڙو ان سوال جو ڪوبه جواب نه ڏنو. 7 هزار کان 15 هزار روپيا ڪمائيندڙ 91 سيڪڙو، 15 مان 30 هزار روپيا ڪمائيندڙ ٻڙِي ڏهائي 3 سيڪڙو جڏهن ته 30 هزار روپين کان وڌيڪ ماهوار آمدني رکندڙ 96 سيڪڙو ماڻهن ماهوار بجيٽ ۾ گذاري کي مشڪل قرار ڏئي ڇڏيو ۽ خرچ پورا ڪرڻ لاءِ پريشان هجڻ جو ٻڌايو. محدود بجيٽ ۾ گذارو ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ جو اقرار ڪندڙن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پنهنجي آمدني 7 هزار کان 30 هزار روپين جي وچ ۾ ٻڌائي.
هي صورتحال نه رڳو شهرين لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي پر حڪمرانن لاءِ به ڳڻتي جوڳي هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته شهرين کي جڏهن کائڻ پيئڻ جون شيون ئي ايتريون مهانگيون ملنديون هجن ته باقي خرچ اهي ڪيئن پورا ڪندا هوندا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام لاءِ کاڌي پيتي جي شين کان وٺي عام استعمال جي شين تائين سستيون شيون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن انهن لاءِ جيئڻ جو ڪو رستو نڪري سگهي. هي ڪو ايڏو مسئلو ناهي جنهن کي حل نه ڪري سگهجي پر ڳالهه حڪمرانن جي نيت آهي. جيڪي عوام جي ڦٽن تي رڳو لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.