رانديون

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ چوٿين ٽي 20 دوران برسات جو امڪان

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿين ٽي 20 ميچ دوران برسات جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي، جنهن سبب ميچ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽيمن اڄ رات ميچ جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي طور تياري ڪري ورتي آهي. پنڊي جي ميدان تي اڄ رات 9 وڳي رٿيل ميچ ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستاني ٽيم فتح ماڻي سيريز ۾ ڪاميابي ماڻڻ جا جتن ڪندي. جڏهن تھ ڪيويز ميچ پنهنجي حق ۾ ڪري ايندڙ ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪندا. هوڏانهن ٻنهي ڪپتانن ٽيم کي حوصلو ڏنو آهي تھ ميچ سندن حق ۾ ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button