ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

طوفان جي اک

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

چاليهه سال اڳ 1983ع ۾ مون پنهنجي دوست تاج بلوچ مرحوم جي مشهور ماهوار رسالي “سوجهرو” ۾ هڪ ڪهاڻي ڇپائي هئي، جنهن جو عنوان هو، “سوئي جي اک”. مون کي ياد آهي ته تاج بلوچ ڪهاڻي پڙهڻ کانپو مون کي بروقت صلاح ڏني ته هن ڪهاڻي جو عنوان بدلائي “سوئي جو پاکو” رکي ڇڏيو. مون کيس ٻڌايو ته تازو مون گبرئيل گارشيا مارڪيز جي نئين شارٽ اسٽوري پڙهي آهي، جنهن جو عنوان انگريزي ۾ ترجمو ڪري لکيو ويو آهي. The eye of the storm معنيٰ طوفان جي اک! نئين ٽهي جي پڙهندڙن لا وضاحت ڪندو هلان ته دنيا جا نوبيل پرائيز حاصل ڪندڙ ادبي شاهڪارن جا تخليق ڪار ناول نگار ڪهاڻيڪار پنهنجا ڪتاب سندن پنهنجي ما ٻولي اسپيني ۾ لکندا آهن. انهن ليکڪن ۽ شاعرن ۾ پيپلو نرودا ۽ گارشيا مارڪيز کان سوا لوئيز بورجيزه پاولو ڪوهيلو، ماريو پوزو ۽ ٻيا گهڻا ئي آهن جن جا نالا وسري ويا اٿم. انهي ڪهاڻي جو عنوان طوفان جي اک انهي ڪري مناسب نه هو، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻي جا مکيه ڪردار هئا منهنجي ڏاڏي امان ۽ سندس وڏو نوي سالن وارو ڀا ماما جادم جيڪو گول بلڊنگ جي آمهون سامهون اسان جي ڏاڏاڻي گهر ڀرسان مال جي وٿاڻ جي سار سنڀال لهندو هو. منهنجي ڄمار ان زماني ۾ ڏهه يارهن سال مس هوندي ۽ 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ تازو ختم ٿي هئي. روزانو شام جو ماما جادم کير ڏهڻ کانپو جڏهن پنهنجي ڀيڻ سان ڪچهري ڪندو هو ته انگريزن جي دور جا قصا ياد ڪري هي ڀيڻ ڀا انهن جي بهترين حڪومتي ڪاروهنوار جي واکاڻ ڪندا هئا. اکين سان ڏٺل پاڙيسري هندو سنڌين جي لڏپلاڻ ۽ پناهگيرن جي اچڻ کانپو بدلجي ويل وايو منڊل تي ڳالهائيندي ڏک وچان چوندا هئا ته، “هنن کان ته هندو چڱا هئا، انگريزن جي دور ۾ انصاف ته ملندو هو!”. ڏاڏي امان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ مهل رليون سبڻ لا مون کي سوئي ۽ ڌاڳو ڏيئي چوندي هئي ته، “ابا، جاني، مون کي هي ڌاڳو ته وجهي ڏي، اکين جي جوت هاڻي موڪلائي پيئي”. پو آئون سوئي ڌاڳو ڏاڏي امان کان وٺي کيس رلي سبڻ لا واپس ڏيندو هئس.
آئي آف دي اسٽارم پڙهندي ننڍپڻ جون اهي يادگيريون منهنجي ذهن جي اسڪرين تي اچي وينديون هيون. سوجهرو ۽ برسات مئگزين واري دور ۾ آئون تاج بلوچ، انور پيرزادو، يوسف شاهين، اقبال ترين، منظور قريشي ۽ تمام گهڻا سنڌي شاعر، اديب ۽ فنڪار طارق روڊ جي آس پاس مسواڙ تي ورتل فليٽن ۾ رهندا هئاسين. بهرحال وڏڙن جون اهي ڳالهيون مون کي ايتري قدر متاثر ڪنديون هيون جو چاليهن سالن تائين آئون برطانوي راڄ کي پاڪستان جي سياسي ۽ غير سياسي حاڪمن جي راڄ کان بهتر سمجهندو هئس. هاڻي پيرسني ۾ وڃي احساس ٿيو آهي ته امريڪا وانگر برطانيه جو ڪردار به سامراجي هڪ هٽي وارو آهي. انگريزن ننڍي کنڊ جو ڪاروهنوار ۽ انتظامي سرشتو، ريلوي ۽ آبپاشي جو نظام اسان مقامي ماڻهن لا نه پر پنهنجي دائمي قبضي لا ٺاهيو هو. جيڪڏهن جرمني جو فاشسٽ اڳواڻ ايڊولف هٽلر لنڊن تي ڏينهن رات بمبن جو وسڪارو ڪري ڪروڙين ماڻهن کي ماري ڦٽي جڏو نه ڪري ها ته انگريز پنهنجو قبضو هرگز نه ڇڏين ها. اها حقيقت مونکي مرحوم حليم بروهي 1972ع ۾ ٻڌائي هئي، پر ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. مون جهڙا سنڌي ماڻهو ستر سالن جي ڄمار تائين اهو ئي سمجهندا رهيا ته ڪنهن به مقبول عوامي ليڊر کي اسٽيبلشمينٽ وارا ڪو نه سهندا آهن. اهڙن پاپولسٽ ليڊرن ۾ محترمه فاطمه جناح کان وٺي شيخ مجيب الرحمان، ذوالفقار علي ڀٽو، ميان نواز شريف، محمد خان جوڻيجو، بينظير ڀٽو ۽ عمران خان جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي پنهنجي ملڪ جي سگهاري ڌر جي اک ۾ ڪنڊن جيان ثابت ٿيا آهن، منهنجي پنهنجي اها ساڳي سوچ هئي، پر اڄ هڪڙو نئون ڪتاب پڙهندي مون کي اها ڄاڻ ملي ته اصل سگهاري ڌري عالمي اسٽيبلشمينٽ آهي، جنهن جي اشارن تي پاڻ وارا جوڌا عمل ڪندا آهن. انهي ڪتاب کي مون ڪئين سال اڳ پڙهيو هو، پر پيرسني ۾ جيڪا ويسر ٿيندي آهي، ان جي ڪري ڪيتريون ئي تاريخي سچائيون ذهن جي سليٽ تان ڊهي ويون هيون. اڄ صبح ساڻ ڪتابن واري ڪٻٽ جي صفائي ڪندي جڏهن سي آ اي جي جڳ جهان ۾ ڪيل سازشن جو احوال ماني کانپو پڙهيم ته ياد آيو ايران جي مقبول عوامي اڳواڻ ۽ وزيراعظم مصدق حسين کي رڳو انهي ڪري مارائي ڇڏيائون جو مصدق ايراني تيل جي کوهن تي برطانيه ۽ امريڪا پاران ٻين مهاڀاري لڙائي ۾ ڄمايل هڪ هٽي کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجن سمورن ذخيرن کي نيشنلائيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهن کي پرڏيهي قبصي مان ڇڏائي برٽش پيٽروليم (بي پي) ۽ برماشيل جا ٽپڙ ويڙهي ڇڏيائين. ڪجهه مهينن اندر هڪ سازش وسيلي کيس قتل ڪيو ويو. سعودي عرب جي شاهه فيصل جڏهن امريڪي تيل ڪمپني آرامڪو کي نيشنلائيز ڪيو ته کيس سندس ڀائٽي هتان مارائي ڇڏيائون، ان کان علاوه انڊونيشيا جي پاپولسٽ ليڊر احمد سوئيڪارنو کي مارائي جنرل سوهارتو هٿان ائين مارشل لا لڳرائيل ويئي جيئن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي ڦاسي تي چاڙهڻ لا جنرل ضيا الحق کي امريڪي سفير هشي ڏيندو هو. ڀٽو صاحب گرفتاري کان اڳ راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ عوامي جلسي ۾ تقرير ڪندي امريڪي سفير جو هڪ خفيه خط هٿ ۾ لهرائيندي عوام کي ٻڌايو ته اڇو هاڻي مون کي فنا ڪرڻ گهري ٿو.
The white elephant wants to eliminate me
اهڙوئي ساڳيو حشر امريڪا ۽ برطانيا جي حاڪمن الجزائر جي آزادي پسند هيرو بن بالله، چلي جي سوشلسٽ اڳواڻ آلندي (نوٽ اسپيني ٻولي ۾ ايل ٽي ڊي ناهن) کي مارائي جنرل پنوشي کي جنرل ضيا وانگر سالن جا سال حڪمراني جي تخت تي ويهاري ڇڏيائون. افريقا ۽ لاطيني امريڪا به اهڙيون انيڪ وارداتون امريڪي سي آ اي ڪيون، جن لا انهن ملڪ جي فوجي قيادت کي استعمال ڪندا آهن. هن وقت اسان جيڪو عمران خان جي خلاف اسٽيبلشمينٽ جو سلوڪ ڏسون پيا، ان ۾ پڻ عالمي سامراج جو هٿ آهي، ڇاڪاڻ ته ايران، يمن، بحرين ۽ شام ڏانهن سعودي عرب جي ولي عهد جيڪو دوستي جو هٿ وڌايو آهي، تنهن کانپو امريڪي سي آ اي جو وچ اوڀر مان نيٽ ورڪ گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي. ڪمال جي ڳالهه آهي ته اڄ سعودي عرب روس کان روزانو هڪ لک بئرل (44 گيلن وارا پيپا) سستي اگهه تي تيل خريد ڪري رهيو آهي. امريڪي رسالي وال اسٽريٽ جنرل جي رپورٽ مطابق سعودي عرب کان اڳ عرب امارات وارا هر مهيني ڇهه ڪروڙ بئرل، سنگاپور 2 ڪروڙ 60 لک بئرل ۽ هندستان سڀني کان وڌيڪ سستو تيل روس کان خريد ڪندا رهيا آهن. هنن ملڪن جا حڪمران روس تي مڙهيل امريڪي ۽ يورپي پابندين جي ڪابه ڪاڻ نه ٿا ڪڍن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button