رانديون

پنجاب جي ايٿليٽس کي 5 لک رپين تائين انعام ڏيڻ جو اعلان

پنجاب جي نگران وڏي وزير جي راندين بابت صلاحڪار وهاب رياض ايندڙ مهيني رٿيل 34هين نيشنل گيمز ڪوئٽا جي موقعي تي پنجاب جي ميڊلسٽ ايٿليٽس کي هڪ کان 5 لک رپين تائين روڪ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق راندين بابت صوبائي صلاحڪار سماجي رابطن واري پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايٿليٽس کي ميڊلز جي بنياد تي کين روڪ انعام ڏئي رهيا آهيون، جن ۾ گولڊ ميڊلسٽ ٽيم کي 10 لک رپيا، سلو ميڊلسٽ کي 5 لک رپيا ۽ برائونز ميڊلسٽ کي اڍائي لک رپيا ڏنا ويندا. اهڙي ريت رانديگرن ۾ گولڊ ميڊلسٽ کي 5 لک رپيا، سلور ميڊلسٽ واري لاءِ اڍائي لک ۽ برائونز ميڊلسٽ هڪ لک رپيا انعام کڻندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button