لياريءَ جا گھڻا شاگرد ايس ايم آرٽس، ايس ايم سائنس، ڊي جي ۽ اردو ڪاليج ۾ داخلا وٺندا هئا، جيڪي لياريءَ جي ويجھو هوندا هئا. هارون ڪاليج لياريءَ ۾ هئڻ ڪري هتان جي ماڻهن لاءِ هارون خاندان جو هڪ ٻيو تحفو هو. سندن مقصد ان کي واپاري مقصد يا نفعي لاءِ استعمال ڪرڻ بدران ماڻهن جي خدمت ۽ انهن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ هو.
مئٽرڪ کانپوءِ مون هارون ڪاليج ۾ ئي داخلا ورتي. اهو ڪاليج به ان ڪمپائونڊ ۾ موجود هو جتي اسڪول ۽ يتيم خانو وغيره هئا. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته منهنجي وڏي ڀاءُ به هتان ئي گريجويشن ڪئي هئي. ان ڪاليج جي هڪ وڏي خاصيت اها هئي جنهنڪري اهو سڄي ملڪ ۾ مشهور هو ته اردو جو مشهور ترقي پسند شاعر ۽ دانشور فيض احمد فيض ان ڪاليج جو پهريون پرنسپل هو. هن اهو عهدو عبدالله هارون جي ڌي ليڊي شوڪت هارون جي دوستيءَ جي ڪري قبول ڪيو هو. هڪ لحاظ کان اهو هڪ اعزازي عهدو هو ۽ هو ڪاليج ۾ گھٽ ئي نظر ايندو هو. پر ڪاليج ۾ خاص طور استادن جي تقرريءَ ۾ هن ان ڳالهه جو خيال رکيو هو ته اهي پنهنجي مضمون جي به ڄاڻ رکندا هجن ۽ سندن هڪ ترقي پسند نقطه نظر پڻ هجي. ڪاليج جو انتظام ۽ روزمره جي معاملن کي ڏسڻ وائيس پرنسپل ڊاڪٽر م ر حسان جو ڪم هوندو هو.
شاگرد يونين جون باقاعدي پنهنجي وقت تي چونڊون ٿينديون هيون. شاگرد سياست ۾ تشدد نه هو ۽ يونين جي چونڊن ۾ اهڙا شاگرد به چونڊجي ايندا هئا، جيڪي اڻ ڌريا هوندا هئا ۽ انهن جو ڪنهن تنظيم سان تعلق نه هوندو هو. مون فيض صاحب کي ڪڏهن ڪاليج جي عمارت ۾ نه ڏٺو پر هڪ ڀيرو ڪاليج ۾ لطيف ڊي جي موقعي تي هو اتي موجود هو. جڏهن هو تقرير ڪرڻ بيٺو ته ڪجھه شاگردن شور ڪرڻ شروع ڪيو ته سنڌيءَ ۾ ڳالهائي جيڪا ڳالهه سندس لاءِ ممڪن نه هئي. بهرحال ڪنهن ريت هن پنهنجي تقرير پوري ڪئي. ڊاڪٽر م ر حسان علم سياست جو استاد هو پر هو گريجوئيٽ ڪلاسن کي پڙهائيندو هو. جيئن ته آئون ٻن سالن کانپوءِ انٽرميڊيٽ ڪري ڪاليج ڇڏي يونيورسٽي هليو ويس، ان ڪري مون کي کانئس پڙهڻ جو موقعو نه مليو. پر جيڪي شاگرد کانئس پڙهيا هئا، اهي سندس علم ۽ ڄاڻ جي ته تعريف ڪندا هئا پر کين اها شڪايت هوندي هئي ته مذهب ڏانهن سندس رويو همدردي وارو نه هو.
بشارت صاحب ايڪانامڪس جو استاد هو. هو ليڪچر نه ڏيندو هو پر وٽس هڪ نوٽ بڪ هوندي هئي جنهن کي هو ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ سان کوليندو هو ۽ شاگردن کي ان مان لکائيندو ويندو هو. سندس ڳالهين مان سندس سياسي خيالن وغيره جي خبر نه پوندي هئي پر سندس ذهن ۾ هڪ صنفي تعصب هوندو هو. سندس هڪ ڳالهه مون کي اڃا ياد آهي. هن ڪلاس دوران پڙهائيندي چيو هو ته مرد عورت جي ڀيٽ ۾ سٺا کاڌا تيار ڪري سگھندو آهي.
انگريزيءَ جو مضمون اسان کي هڪ استاد پڙهائيندو هو، جنهن جو نالو مون کي وسري ويو آهي. هي نرم مزاج جو شخص ۽ مختلف سبق اردو ۾ سمجھائيندو هو. ڪلاس جي هڪ شاگرد کيس چيو ته اوهان اردو بدران اسان کي سنڌي ۾ سمجھايو، جيڪا ڳالهه هن لاءِ ممڪن نه هئي. ان تي ان شاگرد کي جواب ڏنو ته هي انگريزيءَ جو مضمون آهي پوءِ آئون ڇو نه انگريزي ۾ سمجھايان جنهن تي هو شاگرد خاموش ٿي ويو. انگريزيءَ جو هڪ ٻيو استاد واسطي صاحب هوندو هو جيڪو گريجوئيٽ ڪلاسن کي پڙهائيندو هو. اقبال صاحب سماجي اڀياس جو مضمون پڙهائيندو هو. سندس پڙهائڻ جو انداز هڪ تقرير وارو هوندو هو. هو ڪلاس ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪري ويندو هو جيڪي گھڻن شاگردن لاءِ هضم ڪرڻ ڏکيون هونديون هيون. نظام صحرائي سنڌيءَ جو استاد هو. هي سائين تاج صحرائي جو پٽ هو. منهنجي ساڻس ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ سگا پاران ڪرايل سچل ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي هئي. مون وٽ اسلامڪ هسٽري بدران اسلامڪ اسٽيڊيز جو مضمون هو. جيڪو استاد اهو مضمون پڙهائيندو هو ان جو نالو شايد بشارت هو. ڪاليج جو اسٽاف گھڻي ڀاڱي لياريءَ جي مقامي ماڻهن تي مشتمل هوندو هو، ان ڪري شاگردن کي ساڻن لهه وچڙ ۾ اچڻ ۾ گھڻي ڏکيائي نه ٿيندي هئي. هڪ سٺي لائبريري هوندي هئي جتي ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود هو ۽ مختلف اخبارون اينديون هيون.