ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪامريڊ اظهر جتوئي ڌرتي جو ارڏو پٽ!

Editorial-Article-Ahmed Nawaz Inqlabi

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
هن گهايل ڌرتي جي سيني تي،
ڪا اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
جا قومن کي جاڳائي ٿي،

سنڌ جي تاريخ جا جڏهن ورق ورائبا ته اسان کي هيروز جي هڪ وڏي فهرست ملندي، جيڪي پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماروئڙن لا جاکوڙيندا رهيا آهن. جن جي زندگي انفرادي سوچ ۾ گهريل ۽ ذاتي فائدي لا ناهي گذري پر انهن جي زندگي ڌرتي جي ماڻهن جو مقدر بدلائڻ لا اجتماعي سوچ سان گذري آهي. جيڪي پئسي ۾ غريب هوندا پر تاريخ جا امير رهيا آهن ۽ اهي سدائين لا امر بڻيل آهن. اهڙن املهه ڪردار کي ياد ڪرڻ هر باشعور ماڻهو جو فرض بڻجي ٿو. اهڙن عظيم ماڻهن مان ڪامريڊ اظهر جتوئي جو نالو به شامل آهي، جيڪو سڄي زندگي پورهيتن لا ڀرپور جدوجهد ڪندو رهيو.
ڪامريڊ اظهر جتوئي 98ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جون واڳون سنڀاليون ته هن پنهنجي جواني سنڌ هاري ڪميٽي کي ارپي پورهيتن جي جهنڊي سان بيٺو رهيو. اهو به ڪيڏو نه اتفاق هو جو بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 70ع ۾ وفات کان پو ڪامريڊ جتوئي جو خاندان سياست کان مڪمل ڪٽيل رهيو. ان جو وڏو سبب اهو هو جو بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا پٽ بيوروڪريسي ۾ داخل ٿي چڪي هئا ۽ سرڪاري ملازم هئا. ان ڪري اهي سياست کان ڪٽجي چڪا هئا. 70ع کان پو وري 1994ع ۾ ٻيهر سنڌ هاري ڪميٽي واپس ڪامريڊ جتوئي جي خاندان وٽ انهن ڪامريڊن پهچائي جيڪي پو موروثيت جو راڳ به الاپيندا رهيا. 1994ع ۾ جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جو ڏينهن آيو ته ڪامريڊ دوست جيڪي سنڌ هاري ڪميٽي کي هلائي رهيا هئا، اهي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي گهر آيا ۽ اتي ورسي ڪيائون. بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهيائون ۽ پو اهو فيصلو ڪيائون ته ايندڙ اجلاس ڪامريڊ جتوئي جي جڳهه تي ٿيندو ۽ ان اجلاس ۾ ئي بابا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پٽ شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي کي سنڌ هاري ڪميٽي جي صدارت ارپيائون، جنهن انڪار ڪيو پر ڪامريڊن جي پرزور اسرار تي ان ڳالهه کي قبول ڪيو ۽ ائين سنڌ هاري ڪميٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پٽ مظهر جتوئي وٽ پهتي. ياد رهي ته ان کان اڳ ڪامريڊ جتوئي جي خاندان مان ڪو به فرد سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل نه هو.
سنڌ هاري ڪميٽي رڳو هارين جو سياسي فورم ناهي بلڪه اهو سنڌ جي مظلوم ۽ ڏاڍ سبب پيڙجندڙ پورهيتن جو قافلو آهي. جيڪو پنهنجي حقن لا وڏي وقت کان جدوجهد ڪندو پيو اچي. جنهن جي اڳواڻي بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي ڪئي ته ڪامريڊ اظهر جتوئي جهڙن سياسي ماڻهن به ڪئي آهي. ڪامريڊ اظهر جتوئي جڏهن ان ڪميٽي جي اڳواڻي ڪرڻ شروع ڪئي ته هن ڄڻ ان ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته وڏي وقت تائين سياسي طور غير فعال رهڻ کان پو هاري ڪميٽي کي سنڌ جي سياسي هلچل ۾ هڪ ڀيرو وري متحرڪ ڪرڻ جو ڪريڊٽ ڪامريڊ اظهر جتوئي کي وڃي ٿو، جنهن پنهنجي محنت ۽ سچائي سان سنڌ جي هارين ۽ سياسي ذهنن کي گڏ ڪري انهن کي اهو احساس ڏياريو ته اهي اڪيلا نه آهن بلڪه هو انهن سان هر فورم تي گڏ آهي ۽ هر حال ۾ هو انهن سان ساٿ نڀائيندو رهندو.
ڪامريڊ مظهر جتوئي پوڙهائپ ۾ به جواني جو جوڀن ڏيکاريو ۽ سنڌ هاري ڪميٽي کي زبردست انداز ۾ سرگرم ڪيائين ۽ ڀرپور جدوجهد ڪيائين پر ٿوري ئي عرصي ۾ ڪامريڊ مظهر جتوئي شهيد جام نوش ڪيو. ان کان پو 3 مهينن تائين ضمير لاشاري سنڌ هاري ڪميٽي جو وقتي صدر رهيو ۽ پو اليڪشن ٿي، جنهن ۾ ڪامريڊ اظهر جتوئي صدر چونڊيو ويو. ڪامريڊ اظهر جتوئي نوجوان هو، نئون جذبو ۽ ولولو هو. هن جوش سان گڏ هوش کان ڪم ورتو ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جا سڄي سنڌ ۾ يونٽ بحال ڪيا. سنڌ هاري ڪميٽي هڪ منظم تنظيم جي شڪل ۾ آندي.
ڪامريڊ اظهر جتوئي پاران اينٽي ڪالاباغ ڊيم موومينٽ، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف زبردست هلچل هلائي، هارين کي زرعي جنسن جا اگهه نه ملڻ سميت ٻين اهم اشوز تي اڳڀرو ڪردار ادا ڪيو. پونم جي ملڪي سطح جي اتحاد ۾ ڪامريڊ اظهر جتوئي جي قيادت ۾ سنڌ هاري ڪميٽي زبردست هلچل هلائي. ڪامريڊ اظهر جتوئي سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ پونم جي جلسن ۾ شرڪت ڪري، قوم دوستي، وطن دوستي ۽ پورهيت دوستي وارو پيغام پهچايو. ڪامريڊ اظهر جتوئي کي مون ڪڏهن به زندگي ۾ مايوس نه ڏٺو. هو پنهنجي طبيعت ۾ تمام گهڻو حساس هو. هڪ سچو کرو اڳواڻ هو. هو اڪثر ڌرين وٽ ناپسند ڪيو ويندو هو، ان جو هڪ ئي سبب هو ته ڪامريڊ اظهر جتوئي سڌو چئي ڇڏيندو هو. سچ ڪڙو هوندو آهي، ان ڪري ڪافي ماڻهو ناراض رهندا هئا. ڪامريڊ سمجهندو هو ته سچ تي جيڪڏهن ڪو ناراض ٿئي ته ڀلي ٿئي، هو سچ چئي ڇڏيندو هو. ڪامريڊ اظهر جتوئي آخري وقت جڏهن تمام گهڻو بيمار هو ته ان وقت سنڌو درياهه تي هڪ ڀيرو ٻيهر سازشيون ٿيون ته ڪامريڊ اظهر جتوئي بيماري جي بستري تان اٿي قوم کي جاڳائڻ لا سنڌ هاري ڪميٽي ورڪرن سان گڏ پريس ڪلب پهچي زبردست احتجاج رڪارڊ ڪرائي پاڻ کي درياهه جو وارث ثابت ڪيو.
18 نومبر 2020ع تي ڪامريڊ اظهر جتوئي بيماري سان وڙهڻندي نيٺ زندگي جي جنگ هارائي اسان کان هميشه لا وڇڙي ويو. اڄ سندس پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي. سندس ڪيل عوامي خدمت تي آئون کيس سرخ سلام پيش ڪيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button