رانديون

پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي خاطر سيڪيورٽي صورتحال ڏسي ٽيم موڪلينداسين: ڀارتي وزير

چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي ميزباني پاڪستان کي ملڻ تي ڳالهائيندي ڀارتي گهرو وزير انوراگ ٺاڪر چيو آهي تھ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ڏسي بعد ۾ ٽيم کي موڪلينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ چيمپيئنز پاڪستان ۾ کيڏڻ جو معاملو اتان جي سيڪيورٽي معاملن سان مشروط آهي. هن جو چوڻ هو تھ ڀارتي حڪومت ۽ گهرو وزارت اڳ ئي فيصلو ڪري چڪا آهن تھ اهڙن معاملن ۾ ڪيتريون ئي شيون غور هيٺ آنديون وينديون آهن. هن چيو تھ ڪيترائي ملڪ اڳ ئي سيڪيورٽي سبب اتي وڃڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن، ڇوتھ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي چيلنج آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button