ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ – حڪومت ڳالهيون

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ملڪ ۾ جڏهن عدالت پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ نه ڏيندي آهي ۽ سياستدانن کي سوڙهو ڪندي آهي ته ان کي جوڊيشل ايڪٽوزم چيو ويندو آهي. ان قسم جو ايڪٽوزم اڄڪلهه عمر عطا بنديال جي لڳايل ڪورٽ پاران ڏسڻ لاءِ ملي رهيو آهي. سندس هڪ فيصلي موجب پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻيون آهن، جنهن لاءِ هو اهو به چئي چڪو هو ته 14 مئي وارو فيصلو ڪنهن به ريت واپس نه ورتو ويندو. نتيجي ۾ نه رڳو اليڪشن ڪميشن، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران به ردعمل سامهون آيو. پي ٽي آءِ جو ان ڳالهه تي زور آهي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊون آڪٽوبر کان اڳ ۾ ٿي وڃن، ڇاڪاڻ ته سيپٽمبر تائين پي ٽي آءِ جي صدر جو مدو پورو ٿي ويندو ۽ ان کان سواءِ پي ٽي آءِ سان همدرديون رکندڙ چيف جسٽس عمر عطا بنديال به ريٽائر ٿي ويندو ۽ نئون چيف جسٽس اهو عهدو سنڀالي وٺندو. تنهنڪري حڪومت جي اها چال پي ٽي آءِ لاءِ خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي.
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين جو سلسلو هلندڙ آهي. جنهن ۾ عمران خان نيازيءَ جي رويي ۾ ڪا نرمي يا لچڪ نظر ڪونه پئي اچي. جڏهن ته ڪنهن به سياسي ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پهريون شرط لچڪ ڏيکارڻ هوندو آهي. جيڪڏهن ڳالهين جي ماحول لاءِ لچڪ ناهي ڏيکارڻي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀرڻو آهي ته پهرين اسان جو هي مطالبو پورو ڪيو وڃي ته پوءِ ڳالهيون ڪيون وينديون. جيئن تازو عمران خان نيازي چيو آهي ته اسيمبليون نه ٽوڙيندا ته وڌيڪ ڳالهيون ختم ۽ ڪنهن ڏٽي ۾ ڪونه اينداسين. حڪومت سان فقط هڪ ڳالهه ڪنداسين، جيڪڏهن 14 مئي کان اڳ اسيمبليون ٽوڙين ٿا ته اسان گڏيل چونڊن لاءِ تيار آهيون. بهانا پيا ڪن ته بجيٽ کان پوءِ چونڊون ٿينديون. اهي سمجهن ٿا ته ڏٽا ڏئي اليڪشن سيپٽمبر ۾ڪرائيندا ته اهي ان غلط فهميءَ ۾ نه رهن. مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ نگران حڪومت جي ڪا آئيني حيثيت ناهي، آئين ٽوڙيو ويو يا ججن خلاف ڪجهه ٿيو ته پي ٽي آءِ روڊن تي هوندي. هينڊلرز کي چوان ٿو ته چونڊون نه ڪرايون ويون ته آئون ۽ منهنجي قوم رستن تي نڪري قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين.
هڪ پاسي پي ٽي آءِ چونڊون ٿي چاهي ته ٻئي پاسي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون بحال ڪرڻ لاءِ سوچي رهي آهي ۽ ان کان سواءِ اهو مطالبو ڪري رهي آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن واري سيٽ پي ٽي آءِ کي ڏني وڃي. ملڪ ۾ چونڊن وارو معاملو ايترو سادو ناهي، جيترو عمران خان نيازي ۽ پي ٽي آءِ سمجهي رهي آهي. پي ٽي آءِ نه ته ڪا انقلابي پارٽي آهي ۽ نه ئي اها ڪا ترقي پسند پارٽي آهي، جيڪا ايندڙ چونڊن ۾ ڪو وڏو ڀونچال آڻي سگهي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جو دور ملڪ ۾ ڪارو دور هو. جنهن ۾ رڳو سياسي انتقام ورتو ويو. جنهنڪري سياسي ماحول ته خراب ٿيو پر ان سان گڏوگڏ جيڪو سياسي گند ڪيو ويو، ان کي صاف ڪرڻ ۾ وڏو وقت لڳي سگهي ٿو.
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ڳالهيون ان ڪري به ڪنهن نتيجي ۾ ڪونه پهچنديون جو عمران خان نيازي ڳالهين وسيلي مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ڪونه ٿو رکي، سندس آمراڻي سوچ ڪنهن به ريت جمهوريت لاءِ ماحول کي بهتر نٿي ڪري سگهي. سياست ۾ خراب کان خراب مسئلو به ڳالهين وسيلي حل ٿيندو آهي. جنگين کان پوءِ ڳالهيون ٿينديون آهن، جهيڙن کان پوءِ مخالف هڪ ميز تي ويهي مسئلي جو حل ڳوليندا آهن پر اهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ٻئي ڌريون سياسي هجن، اهي سياست جي ضرورتن کي سمجهنديون هجن. ان کان سواءِ ڳالهين لاءِ ڪڏهن به ڪا اڳواٽ شرط نٿي رکي سگهجي، جنهن سان ڳالهين جو ماحول ئي بگڙي وڃي، جيئن عمران خان نيازي رکي رهيو آهي.
تنهنڪري حڪومت اهو چاهيندي هوندي ته پي ٽي آءِ کي ڳالهين ۾ مصروف رکجي ته جيئن 14 مئي گذري وڃي ۽ ان کان پوءِ ڀلي پي ٽي آءِ ڌرڻا هڻي يا لانگ مارچ ڪري، ان سان حڪومت جي صحت تي ڪو اثر ڪونه پوندو. ڇاڪاڻ ته هي حڪومت به فيصلي سازيءَ ۾ ايتري ئي آزاد آهي، جيتري پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دور ۾ آزاد هئي. جڏهن ڪنهن حڪومت کي آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ جي اجازت ڪونهي ته پوءِ اها اهو فيصلو ڪرڻ جي به قابل ڪونه هوندي ته ايندڙ چونڊن لاءِ ڪهڙا فيصلا ڪرڻا آهن. هن وقت جيڪڏهن ڳالهين ۾ ڪا وڏي رنڊڪ آهي ته اهو عمران خان نيازي پاڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button