ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو سيیاسي سفر ۽ مقبولیيت

Editorial-Article- Ghulam Mustafa

عمران خان پنھنجي سيیاسي سفر جي شروعات 1996ع کان پي ٽي آءِ جو بنیياد وجھي ڪئي. سيیاست کان اڳ عمران خان سڄي دنيا ۾ رانديگر طور مشھور ته ھیو پر شروعاتي سيیاسي دور ۾ ايیترو خاص مضبوط امیيدوار ٿي سامھون نه اچي سگھيیو۔ پاڪستان ۾ ھر وڏي سیياسي جماعت جي ڪامیيابي پويیان اسٽيیبلشمینٽ جو وڏو ھٿ رھيیو آھي پر عمران خان شروعاتي دور ۾ ظاھري طرح ان پاليیسي خلاف رھيیو، هن ڪرپشن خلاف ۽ انصاف جو نعرو ھڻي پنھنجي سیياسي جدوجھد جي شروعات ڪئي۔ پر اڄ جا مختلف تجزيي نگار چون ٿا ته 1996ع کان ھينیئر تائيین عمران خان کي سيیاسي حوالي سان مضبوط ۽ مقبول ڪرڻ ۾ چئن جنرلن جو وڏو ھٿ رھيیو آھي۔ 2011ع ۾ پيیپلزپارٽي حڪومت پنجاب ۾ انتھائي غيیرمقبول بڻجي چڪي ھئي ۽ ايیندڙ الیيڪشن ۾ پنجاب ۾ (ن) ليیگ جي مقابلي ۾ انتھائي ڪمزور سیياسي حريیف ھئي۔ جنھن کانپوءِ اسٽيیبلشمینٽ عمران خان تي ڌيیان ڏيیڻ شروع ڪیيو ۽ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي (ن) ليیگ جي مقابلي لاءِ تيیاري ڪرڻ شروع ڪري ڏنو۔ جنھن جي نتیيجي ۾ 2013ع واريین چونڊن ۾ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ٻي وڏي پارٽي ۽ ڪي پي ڪي حڪومت ٺاھڻ ۾ ڪامیياب ٿي.
2018ع واري اليیڪشن ھجي يیا ان کان پوءِ پي ٽي آءِ جو حڪومتي دور، اسٽيیبلشمینٽ ۽ پي ٽي آءِ گھڻو وقت پنھنجن مفادن خاطر ھڪ ئي پلیيٽ فارم تي رھيیا ۽ اسٽيیبلشمینٽ پي ٽي آءِ کي ھڪ ٻار جیيان پالیيندي رھي ۽ نیيٺ شديید اختلافن کانپوءِ اسٽيیبلشمینٽ نیوٽرل رھڻ جو تاثر ڏنو۔ جنھن جو پي ڊي ايم فائدو وٺي حڪومتي اتحاديین کي پنھنجي پاسي ڪري عمران خان کي ھڪ جمھوري طريقي سان ھٽايیو۔ جنھن کانپوءِ عمران خان پاڻ کي سیياسي مظلوم ڪري پیيش ڪيیو. عمران خان جي ھن وقت جیيڪا مقبولیت آھي ان ۾ سندس سوشل میڊيیا ٽیيم جو وڏو ڪردار آھي۔
آمريیڪا ۽ اسٽیبلشمینٽ مخالف: عمران خان ڄاڻي ٿو ته پاڪستاني وچولي طبقي جي عوام جي دلیين ۾ آمريڪا ۽ اسٽیيبلشمینٽ جي سيیاست ۾ مداخلت ڪري ھڪ نفرت ڀريیل آھي۔ ان ئي نفرت جو فائدو شروعات ۾ پي ڊي ايم عمران خان حڪومت ۾ عام ماڻھن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ورتو۔ عمران خان جو آمريڪي صحافي کي “Absolutely not” چوڻ ۽ پنھنجي حڪومت جي خاتمي جو ذمیيوار آمريڪا کي ڄاڻائڻ سان وچولي طبقي ۾ سندس مقبوليیت جیيڪا سندس حڪومت واري دور ۾ ختم ٿي چڪي ھئي، اھا وري ھڪ ڀيرو وري اڀري پئي۔
پي ڊي ايیم اتحاد: ھونئن ته پي ڊي ايیم13 پارٽيین جي گڏيیل حڪومت آھي جنھن ۾ پي ٽي آءِ جي مقابلي ۾ پنجابي ۽ پٺاڻ ليیڊرشپ تمام گھٽ آھي. وفاق ۾ حڪومت ڪرڻ لاءِ پنجاب جي اڪثريیتي حمايت لازمي ھوندي آھي، ھن وقت (ن) ليیگ وٽ اڪثريیتي پنجاب جي حمايیت حاصل ته ناھي مٿان سندس پيیپلزپارٽي سان اتحاد پارٽيءَ کي پنجاب ۾ اڳ کان وڌيڪ غیيرمقبول بڻائي رھيیو آھي۔ جنھن جو سڌو سنئون فائدو پي ٽي آءِ کي ٿي رھيیو آھي. پي ڊي ايم اتحاد جو سڀ کان وڏو نقصان سيیاسي مقبولیيت جي حوالي سان (ن) ليیگ برداشت ڪري رھي آھي جو سندس رھيیل مقبولیيت به پنجاب مان ختم ٿیيندي نظر اچي رھي آھي.

عمران خان جي حڪومت مان نيیڪالي: پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ سندس پاليیسیين ۽ مھانگائيءَ جي ڪري عمران خان جي سيیاسي مقبوليیت جو ڪانٽو ڪرندي نظر اچي رھيیو ھو پر جنھن جمھوري طريیقي سان عمران خان جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ ان نيیڪاليءَ کي عمران خان جنھن حوالي سان پيیش ڪیيو ان عام ماڻھن ۾ عمران خان لاءِ محبت ۽ ھمدردي اڃان وڌائي ڇڏي ۽ عوام سندس دور ۾ ٿیل معاشي تباھي وساري ويٺو. جيیڪڏھن عمران خان کي حڪومتي دور پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ھا ته شايد ھو وري وفاقي حڪومت ۾ اڪثريتي پارٽي ٿي نه اچي سگھي ھا. عمران خان جي مقبوليیت ۾ پي ڊي ايم جي سخت فیيصلن (ڀلي اھي ملڪي ڀلائي ۾ ئي ڪیا ويیا ھجن) جو به وڏو ھٿ آھي، جنھن سان (ن) ليیگ جي سيیاسي مستقبل کي وڏو ڌڪ رسیيو آھي.
اسلامي ٽچ: پاڪستاني سیياستدان ھجن يا اسٽیيبلشمینٽ ٻنھي سدائين مذھب کي سیياست ۾ استعمال ڪري ماڻھن جي حمايیت حاصل ڪئي آھي. ھن وقت عمران خان به روايیتي پاڪستاني سیياستدانن وانگر پنھنجي سيیاسي تقريیرن ۾ اسلامي ٽچ ڏئي عوام جي حمايیت حاصل ڪري رھيیو آھي. ھن وقت عمران خان ايترو ته مقبول ٿي چڪو آھي جو سندس ڏنل ھڪ بیيان عوام کي جذباتي ڪري رھيیو آھي ۽ ھڪٻئي سان نفرت پيیدا ڪري رھيیو آھي جيیڪو مستقبل ۾ نقصانڪار ٿي سگھي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button