ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

صحافين تي ٿيندڙ حملا

Editorial

پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ صحافي ڪيترين خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا، ان جو اندازو لڳائڻ ان ڪري به ڏکيو ڪونهي جو هر سال ڪيترائي صحافي تشدد جو شڪار ٿين ٿا ۽ مارجي به ويندا آهن. پر تنهن هوندي به اهي پنهنجون صحافتي ذميواريون پوريون پيا ڪندا آهن. پر پاڪستان ڪنهن به ريت صحافين لاءِ ڪو محفوظ ملڪ ڪونهي. اهي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي مصيبتن تي منهن ڏين ٿا. اهي هر حوالي سان پريشر کي منهن ڏين ٿا. گذريل سال جهڙي ريت صحافين تي تشدد بابت رپورٽ جاري ٿي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته صحافي ڪهڙن ڪهڙن خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پاڪستان ۾ گذريل هڪ سال اندر صحافين، ميڊيا پروفيشنلز ۽ آرگنائيزيشنز خلاف ڌمڪين ۽ حملن جا گهٽ ۾ گهٽ 140 ڪيس رپورٽ ٿيا، جيڪو ساليانو بنيادن تي 60 سيڪڙو اضافو آهي. ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته فريڊم نيٽ ورڪ پاران تيار ڪيل پاڪستان پريس فريڊم رپورٽ موجب صحافت لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطري واري جڳهه اسلام آباد آهي، جتي 56 يا 40 سيڪڙو ڀڃڪڙيون ٿيون. پنجاب ٻي بدترين جڳهه آهي جتي 35 (25 سيڪڙو) ڀڃڪڙين جا ڪيس جڏهن ته سنڌ ۾ 32 (23 سيڪڙو) ڪيس رپورٽ ٿيا. 3 مئي تي ملهايو ويندڙ ورلڊ پريس فريڊم ڊي کان اڳ جاري رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪجهه ئي مهينن ۾ ملڪ جو ميڊيا ماحول خطرناڪ ۽ وڌيڪ تشدد وارو ٿي ويو آهي. مئي 2022ع کان مارچ 2023ع وچ ۾ حملن جو انگ 63 سيڪڙو وڌي 140 ٿي ويو جيڪو 2021-22 ۾ 86 هو. رپورٽ ۾ جائزي هيٺ مدي دوران پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 صحافين جي قتل جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. فريڊم نيٽ ورڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اقبال خٽڪ ٻڌايو ته صحافين خلاف تشدد ۾ اضافو پريشان ڪندڙ آهي ۽ ترت ڌيان جو گهرجائو آهي. هن چيو ته غيرجانبدار صحافين تي حملي سان اهم ڄاڻ تائين پهچ رڪجي وڃي ٿي، جيڪا خاص طور جاري سياسي ۽ معاشي بحران دوران تباهه ڪندڙ آهي، جڏهن عوام کي ڀروسي جوڳي خبر جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن اهم مسئلن کي سمجهي سگهي. اقبال خٽڪ چيو ته پاڪستان 2021ع ۾ صحافين جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي ڪندڙ ايشيا جو پهريون ملڪ بڻيو، جڏهن ته ڏيڍ سال کانپوءِ وفاق ۽ سنڌ ۾ صحافين جي تحفظ جي قانونن ڪنهن هڪ صحافي جي به مدد نه ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ انهن خلاف تشدد ۾ اضافو ٿيو.
ڪنهن به ملڪ ۾ صحافين تي تشدد ۾ 60 سيڪڙو واڌ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ان کان سواءِ جڏهن ڪو صحافي قتل ٿي ويندو آهي ته ان جي ڪيس جي پوئواري به ڪونه ڪئي ويندي آهي، نتيجي ۾ صحافين تي تشدد، انهن کي قتل ڪرڻ ۽ ڌمڪين جو سلسلو جاري رهندو آهي. اسين سمجهون ٿا ته آزاد صحافت لاءِ ضروري آهي ته صحافين کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. انهن کي پنهنجا فرض پورا ڪرڻ دوران ڪي به رنڊڪون نه وڌيون وڃن ته جيئن سماج ۾ موجود مسئلن کي اهي هر سطح تي بيان ڪندا رهن. ڇاڪاڻ ته صحافت اتي آزاد هوندي جتي صحافي کي تحفظ مليل هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button