غير درجه بندي

خيرپور ۾ مامي گوليون هڻي ڀاڻيجي کي قتل ڪري ڇڏيو

خیيرپور: خيرپور جي مل ڪالوني ۾ مامي ھٿان ڀاڻيجو قتل، جوابدار فرار. خبر موجب خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مل ڪالوني ۾ جوابدار مامي اعجاز مري پنھنجي ساٿي غلام اڪبر مري سان گڏجي فائرنگ ڪري پنھنجي نوجوان ڀاڻيجي دلشاد مريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ بعد بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويو. بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اعجاز مري مقتول دلشاد جو مامو آهي، جنهن پنهنجي ساٿي جوابدار غلام اڪبر مري سان گڏجي فائرنگ ڪري دلشاد مري کي قتل ڪيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، جوابدارن پراڻي تڪرار تان نوجوان کي قتل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button