سنڌ

سنڌ اسيمبلي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي: وڏو وزير

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي عوامي اميدن مطابق ڪم ڪيو آهي، اها پنهنجو مقرر ڪيل آئيني مدو پورو ڪندي، جيڪڏهن ڪڏهن اسيمبلي ٽورڻ جي ضرورت پئي ته مان سڀ کان پهريان ايوان کان راءِ وٺندس، ان کان پوءِ پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندس. هن اها ڳالهه اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي اسيمبلي جو پنج سالن جو آئيني مدو پورو ڪرڻ جي حوالي سان آندل ٺهراءُ تي خطاب ڪندي ڪئي. وڏي وزير ايوان کي ٻڌايو ته اسان مئي ۾ ان لاءِ سيشن شروع ڪيو ته اسان کي هن ايوان جا ڏينهن پورا ڪرڻا آهن. هن چيو ته وڏين تقريرن سان صرف ڪجهه ناهي ٿيندو، هن اسيمبلي هر سال بجيٽ منطور ڪئي آهي ۽ هتي عوامي مفاد ۾کوڙ سارا ٺهراءُ منظور ٿيا آهن. هن چيو ته مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هي سپورٽ ڪري رهيا آهن يا نه، ائين لڳي ٿو ته هن ٺهراءُ کي سڀني سپورٽ ڪيو آهي. مرادعلي شاهه چيو ته آرٽيڪل 107 ۾ آهي ته جيڪا اسيمبلي ٺهندي، ان جو مدو پنج سال هوندو، آرٽيڪل 112 ۾ اهو لکيل آهي ته وڏي وزير کي اختيار آهي ته هو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي پر هتي ائين به ٿيو ته ڪنهن کي خواب آيو يا ڪنهن چئي ڇڏيو ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيو، اسان چئون ٿا ته اسيمبلي کي مدو پورو ڪرڻ ڏيو. وڏي وزير مرادعلي شاهه پي ٽي آئي جو نالو وٺڻ بنا چيو ته هي چون ٿا ته اسان کي ڪڍي ڇڏيو، اسان نه ويهنداسين، انهن ماڻهن کي راجا پرويز اشرف گهرايو پر نه ويا ۽ چيو ته اسان سڀ گڏ وينداسين، جنهن کان پوءِ ڪجهه استيعفائون منطور ٿيون، خالي حلقن ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ عمران خان بيهي رهيو، ملير مان هارائي ويو ٻين هنڌن تان کٽي ويو، ايتريون سيٽون خالي ٿيون آهن. وڏي وزير چيو ته هي ساڳيو چيف جسٽس آهي، جن جي تصويرن تي هي جوتا هڻندا هئا. هاڻي هڪ شخص جي چوڻ تي اسيمبلي ٽوڙي وئي پر هاڻي پتو پيو ته هن هڪ شخص به نه ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي ائين ڪيو هو. هن چيو ته هي ماڻهو ڪي پي ڪي اسيمبلي جي حوالي سان ڪجهه نٿا چون. مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڳالهين ۾ اهي چون ٿا ته 14 آگسٽ کان اڳ اسيمبلي تحليل ڪري ڇڏيو، نه ته ڳالهيون نه ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن مون کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو حق استعمال ڪرڻو پيو ته مان پهريان اسيمبلي ۾ ايندس، اسان قومي مفاد ۾ جيڪڏهن چاهينداسين ته اسيمبلي پهريان ٽوڙي ڇڏيندس پر ان کان اڳ اسيمبلي ۾ ايندس، ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو بڻجندو. هن ٺهراءُ جي سڀني سپورٽ ڪئي آهي، ان لاءِ ان کي گڏيل طور تي منطور ڪيو وڃي. ايوان ٺهراءُ کي گڏيل طور تي منطور ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button