سنڌ

سنڌ اسيمبلي جا 5 سال پورا ٿيڻ تي چونڊون ڪرائڻ جو ٺهرا منظور

سنڌ اسيمبلي اڱاري تي پنهنجي اجلاس ۾ موجوده صوبا.ئي اسيمبلي جو پنج سالا آئيني مدو مڪمل ٿيڻ تي چونڊون ڪرائڻ بابت هڪ ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو، هي ٺهراءُ ايوان ۾ معمول جو ايجنڊا معطل ڪري پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر برهان چانڊيو آندو ويو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته سنڌ جي صوبائي اسيمبلي پنهنجون آئيني ذميواريون بهتر نموني سان نڀايون آهن ۽ سنڌ جي هن نمائندا ايوان عوامي اهميت وارن سمورن اهم معاملن تي نه رڳو اثرائتي انداز ۾ آواز اٿاريو پر سنڌ حڪومت جي مسئلن جي حل لاءِ بهتر انداز ۾ حڪومت جي رهنمائي به ڪئي، ان لاءِ هي ضروري آهي ته هي اسيمبلي پنهنجا پنج سال آئيني مدو مڪمل ڪري، جنهن جي مڪمل ٿيڻ تي آئيني طور طريقي مطابق هڪ نگران حڪومت جوڙي وڃي. برهان چانڊيو پنهنجو ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته اليڪشن وقت ٿي ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ اسيمبلي کي ان جو آئيني مدو مڪمل ڪرڻ ڏنو وڃي. پ پ جي امداد پتافي ٺهراءُ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هر پنجن سالن کان پوءِ چونڊون ٿيڻ گهرجن هي ملڪ جي بدقسمتي آهي، جو هڪ اهڙو انوکو لاڏلو آندو ويو آهي، جيڪو اليڪشن سميت هر شئي پنهنجي مرضي جي چاهي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۽ وقت مقرر تي عام چونڊون ٿينديون، ڪنهن جي خواهش تي ڪجهه نه ٿيندو. جي ڊي اي جي عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ اهو فيصلو ڪري ته سنڌ ۾ اليڪشن ڪڏهن ٿيڻ گهرجي، اسان وڏي مشڪل سان ون يونٽ مان جند ڇڏائي آهي خدا جي واسطي پنهنجن فيصلن جو اختيار ٻيهر اسلام آباد حوالي نه ڪيو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر رعنه انصار چيو ته اليڪشن ضرور ٿيڻ گهرجن پر اليڪشن وقت تي ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان ۾ هڪئي ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جي راجا عبدالرزاق چيو ته پيپلزپرٽي جي تاريخ جدوجهد ۽ قربانين سان ڀريل آهي بي بي جمهوريت لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي. اسان بلاول ڀٽو کي وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهاري سک جو ساهه کڻنداسين. فردوس شميم نقوي ٺهراءُ تي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي آئين مطابق ٽوڙيون ويون، جيڪي ماڻهو 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه پيا ڪرائين اهي آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. سنڌ اسيمبلي ميمبر عبدالرشيد چيو ته جيڪڏهن اسان جو سياسي رويو ٺيڪ هجي ته اسيمبلين ۾ٺهراءُ جي ضرورت نه پوندي، هڪ وقت تي چوند ٿيڻ گهرجي. جي ڊي اي جي ميمبر شهريار مهر چيو ته اسان هن ٺهراءُ کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون هي ٺهراءُ آئين مطابق آهي، اسان آئين ٺاهيندڙن کي به سلام پيش ڪيو هو پر پيپلز پارٽي پنهنجي مرضي سان آئين ليڪٽو چوز ڪري ٿي، جيڪڏهن هڪ شق چوي ٿي ته آئين مطابق اسيمبلي ٽٽي سگهي ٿي ته ان کي ڇو نٿو مڃيو وڃي. خرم شير زمان چيو ته گذريل ٽن مهينن کان انهن جا پنهجا ٺهراءُ اچي رهيا آهن کوڙ سارا اشو آهن انهن تي به ڳالهائڻ ڏيو، ڪجهه ڏينهن اڳ آئين تي ٺهراءُ کڻي آيا آهن، اسان زرداري ليگ جي ڪنهن ٺهراءُ کي سپورٽ نه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button