
ملير: تحريڪ انصاف سنڌ جو صدر علي زيدي فراڊ واري ڪيس ۾ ضمانت بعد ملير ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، پوليس پاران چالان پيش نه ڪرڻ سبب جڊيشل مئجسٽريٽ ڪيس جي ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. علي زيدي مٿان ابراهيم حيدري ٿاڻي تي فراڊ ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل آهي. علي زيدي جي پيشي دوران وڪيلن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. وڪيل خالد محمود چيو ته علي زيدي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، علي زيدي هن وقت ضمانت تي آھي.