پاڪستانسنڌ

فلورملز وارن کان پڇيو اٽو ڇو ٿا مهانگو ڏيو ته هنن هڙتال جي ڌمڪي ڏني:سنڌ سرڪار

ڪراچي: صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته هن سال سنڌ ۾ 36 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو آهي. جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2 لک ميٽرڪ ٽن وڌيڪ آهي، جنهن جو پورو ڪريڊٽ پ پ قيادت کي وڃي ٿو. جنهن وقت تي ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ملڪ کي خوراڪ جي بحران کان محفوظ بڻايو. جڏهن ته ٻين صوبن جي حڪومتن ڪڻڪ جي امدادي قيمت وڌائڻ واري فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي ھئي. صوبائي وزيرن چيو ته سنڌ حڪومت هن سال ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 14 لک ميٽرڪ ٽن مقرر ڪيو آهي, 7 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ٽارگيٽ پورو ڪيو ويو آهي. مئي مهيني ۾ سنڌ حڪومت 100 سيڪڙو ٽارگيٽ پورو ڪندي. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي بحران جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جي نقل حرڪت تي پابندي لڳائي ۽ سموريون سرحدون سيل ڪيون ويون، سنڌ حڪومت پنهنجو هدف حاصل ڪري ورتو ته پابندي هٽائي ويندي. سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي فلورملن کي 10500 رپيا في ٻوري ڪڻڪ جي فراهمي جاري آهي. روز جي بنياد تي آپريشن جاري آهي. سنڌ حڪومت فلار ملز سان ڪيل واعدي تي قائم آهي. اڄ تائين پهرين مرحلي ۾ ملز ايسوسيئيشن کي 5 لک ٻوريون فراهم ڪرڻ جو هدف پورو ڪيو ويندو. ٻئي مرحلي ۾ مل مالڪ چالان جمع ڪرائين، انهن کي ڪڻڪ جي فراهمي انهن جي ضرورت مطابق يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2007ع کان اڳ به اسين ڪڻڪ امپورٽ ڪندا هئاسين. پر 2008ع ۾ پ پ حڪومت آئي ۽ آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر ٿيو. هن زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ خود ڪفيل ٿيو ۽ اسان ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي قابل ٿي وياسين. هن چيو ته هن ڀيري به موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏن سبب زرعي شعبي کي وڏو نقصان پهتو. هاري ۽ آبادگار ڏکين حالتن مان گذريا. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير مراد شاهه مشورو ڪري ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو ته جيئن هاري ۽ آبادگار ڪڻڪ پوکي سگهن. ان کان علاوه سنڌ حڪومت ٻج خريداري لاءِ هارين ۽ آبادگارن کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ سبسڊي پڻ ڏني، جنهن جا نتيجا اڄ سڀني جي سامهون آهن ۽ اڄ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي بمپر پيداوار ٿي آهي. جن ماڻهن ان فيصلي جي مخالفت ڪئي، اڄ انهن کي دانشمندي وارو قدم سمجهي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪڻڪ جو امدادي اگهه نه وڌايو وڃي ها ته هن سال ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪيل پيداوار جو 50 سيڪڙو به نه ٿي سگهي ها. مڪيش چاولا چيو ته اٽي جي 200 رپيا في ڪلو اگهه ۾ ڪابه منتق ناهي. اٽو 120 کان 125 رپيا في ڪلو هجڻ گهرجي. سنڌ حڪومت مل مالڪن کي 10500 رپيا في ٻوري اٽو فراهم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن پيسائي ۽ نفعي جو خرچ ان تي 1500 رپيا في ٻوري لڳايو وڃي ٿو ته اٽي جو اگهه 120 کان 125 رپيا في ڪلو بڻجي ٿو. هن چيو ته جڏهن فلور ايسوسيئيشن کان پڇيو ويو ته هو مهانگو اٽو ڇو ڏئي رهيا آهن ته انهن چيو ته هڙتال ڪنداسين. مهانگو وڪرو ڪندڙ ملن خلاف شڪايتون داخل ڪرايون وڃن، سنڌ حڪومت انهن خلاف سخت ڪاروايون ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button