هن وقت ملڪ تمام وڏي سياسي بحران مان گذري رهيو آهي. جيڪڏهن ان بحران جي سلسلي ۾ هلندڙ ٽاڪ شوز ڏسجن ٿا ته اهو معاملو تمام گهڻو منجهيل ۽ پيچيده محسوس ٿئي ٿو پر جيڪڏهن پنهنجي منهن ويهي عقل سان حساب ڪتاب ٿو ڪجي ته اهو سمورو منجهيل سٽ نهايت سولو ۽ آسان سمجهه ۾ اچي ٿو. ڇو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪنهن قسم جي ڇڪتاڻ ۽ ضد آهي ته صرف هڪ مهيني جي ۽ بس!
عمران خان جو اصرار آهي ته هلندڙ مهيني ۾ سموريون اسيمبليون تحليل ڪيون وڃن ته جيئن ٽن مهينن يعني سيپٽمبر ۾ چونڊون منعقد ٿي سگهن. جڏهن ته حڪومت جو ضد آهي ته چونڊون سيپٽمبر ۾ نه پر آڪٽوبر ۾ ٿينديون. سوال اهو آهي ته هڪ مهيني ۾ ڇا ٿيندو؟ آخر هن حڪومت کي هڪ سال ته گذري ويو آهي. هڪ مهينو ٻيو به گذرندو ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي؟ حڪومت جيڪو ڪجهه هڪ سال ۾ نه ڪيو آهي، ڇا اهو ڪجهه هوءَ هڪ مهيني ۾ ڪري سگهندي؟ ان سوال جو جواب به انڪار جي صورت پيش ڪري سگهجي ٿو. هونءَ به سنڌيءَ جو مشهور پهاڪو آهي ته جنهن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، اهو لهندي ڪهڙو تاءُ ڪندو؟ حڪومت وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه هو. هڪ سال گهٽ وقت نه هوندو آهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم سرڪار وٽ ڪا سوچ ۽ سچائي هجي ها ته هوند اها اليڪشن لفظ کان ايترو نه ڊڄي ها، جيترو هاڻي ڊڄي رهي آهي.
حڪومت اليڪشن جي سلسلي ۾ ان حوالي سان به ڊنل آهي ته عمران خان جي پاپولرٽي تمام گهڻي وڌي رهي آهي. پي ٽي آءِ پنجاب ۾ جهڙي ريت شهرت حاصل ڪرڻ ۾ سوڀاري ٿي آهي، ان عمل تحريڪ انصاف جي سڀ کان وڏي مخالف يعني مسلم ليگ (ن) جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. مسلم ليگ (ن) کي محسوس ٿي رهيو آهي ته هوءَ نهايت بري ريت مات کائيندي. ان ڪري چونڊن جو نالو ٻڌي مسلم ليگ (ن) چڙ جو مظاهرو ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه ٿي سگهي.
تحريڪ انصاف کي پوري پڪ آهي ته هن ڀيري اليڪشن ۾ هن کي ايترو مينڊيٽ ملندو جو هن کي ايم ڪيو ايم ٽائيپ ڪنهن به پارٽيءَ جي اتحاد جي ڪا ضرورت نه رهندي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ کي به اهو ڊپ آهي ته هن جي وفاق ۾ اتحاديءَ واري حيثيت به ختم ٿي ويندي. پيپلز پارٽي هاڻي اها جماعت نه رهي آهي، جنهن کي يقين هجي ته هوءَ پوري پاڪستان مان ايترا ووٽ حاصل ڪري سگهي ٿي جو هن کي ڪجهه آزاد ۽ ڪجهه اتحادي ملائي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ملي سگهي. پر ايم ڪيو ايم وانگر هوءَ ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين مان ڪنهن هڪ جو ساٿ ڏئي اقتدار جو حصو پتي وٺي سگهي ٿي. اهوئي سبب هو ته هن پهرين مسلم ليگ (ن) جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ هن جي ڪوشش هئي ته عمران خان سان اتحاد ڪري هو مضبوط حڪومت جو حصو ٿئي. پر عمران خان جهڙي ريت توهين آميز طريقي سان پيپلز پارٽيءَ جي آڇ کي ٿڏي ڇڏيو، ان بعد پيپلز پارٽيءَ وٽ مسلم ليگ (ن) سان ملڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ به نه رهي.
پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ (ن) جڏهن پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي ڪٺيون ٿيون ته مريم نواز جي صورت ۾ مسلم ليگ (ن) بلاول سان هڪ نئين شروعات ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر جيئن ته ان وقت مسلم ليگ (ن) جو اصل قائد ميان نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جو نه صرف انتهائي مخالف ٿي بيٺو پر هو اسٽيبلشمنٽ خلاف ميڊيا ۽ عوام ۾ برملا اظهار به ڪرڻ لڳو هو. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ لاءِ ان قسم جي سياست تمام گهڻي تڪليف واري هئي. پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت اهو تصور به نه ٿي ڪري سگهي ته هوءَ اسٽيبلشمنٽ سان اٽڪي اقتدار جو حصو بڻجي سگهي ٿي. ڇو ته پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو کان پوءِ عوام جي حمايت وڃائي چڪي آهي ۽ هاڻي هوءَ ان پوزيشن ۾ ناهي جو عوام جي سپورٽ سان سرڪار جوڙي سگهي. ان لاءِ هن کي اسٽيبلشمنٽ جي آشيرواد جي ضرورت آهي. مسلم ليگ (ن) وٽ ته ڪجهه به نه هو. پيپلز پارٽيءَ وٽ سنڌ ۾ حڪومت هئي. پيپلز پارٽيءَ کي اهو خوف هو ته جيڪڏهن هوءَ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اسٽيبلشمنٽ خلاف عملي طور سرگرم رهي ته هن جي سنڌ ۾ حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي ۽ هن جي قيادت جو سخت احتساب ٿي سگهي ٿو. اهوئي سبب هو ته مسلم ليگ (ن) جي سياست کان بيزار ٿي پيپلز پارٽيءَ پي ڊي ايم ڇڏي پر ميان شهباز شريف جي شڪل ۾ آصف زرداريءَ کي اهڙو مسلم ليگي مليو، جيڪو پاڻ ان انتظار ۾ ويٺو هو ته هن کي اقتدار جو سهارو حاصل ٿي سگهي. اها ڳالهه اڄ به رڪارڊ تي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ شهباز شريف جي وڏي ڀاءُ ميان نواز شريف اهڙي چال جي سخت مخالفت ڪئي ۽ مريم نواز کي به اهو فيصلو قطعي طور منظور نه هو. پر مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف ايترو ته وڌي ويو جو هن کي موٽائڻ مشڪل ٿي پيو. ان صورت ۾ مسلم ليگ (ن) کي عارضي اقتدار جي ڪوڙي گوري ڦڪڻي پئي.
هن وقت مسلم ليگ (ن) پنهنجي ان غلطيءَ تي پڇتائي رهي آهي ۽ هن کي چونڊن ۾ بنهه نقصان نظر اچي رهيو آهي. پر هن کي اهو به معلوم آهي ته کيس چونڊن ۾ هر صورت وڃڻو پوندو. عمران خان جي ڪوشش آهي ته هو پنهنجو جلد چونڊن وارو مطالبو مڃائي چونڊ ۾ لهي پر حڪومت هن جي سيني تي ان سياسي سوڀ جو ٻلو ڏسڻ نه ٿي چاهي. عمران خان حڪومت کي اهڙي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهوئي سبب آهي ته هن تازو واضح لفظن ۾ اهو اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت مئي ۾ سموريون اسيمبليون ختم ڪرڻ جو اعلان نه ٿي ڪري ته پوءِ بند ڪمرن ۾ ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو به فائدو نه هوندو ۽ ان صورت ۾ تحريڪ انصاف روڊن تي احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪرندي ۽ حڪومت کي اها اجازت نه ڏيندي ته هوءَ پنهنجي من ماني ڪري سگهي. حڪومت لاءِ اهو عمل ڪجهه ڏکيو هوندو. جڏهن ته حڪومت کي اهو به معلوم آهي ته عمران خان ۾ ايتري سياسي سگهه ناهي جو هو روڊن ۽ رستن تي حڪومت کي ان حد تائين پريشان ڪري سگهي جو حڪومت اقتدار تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي. پر اها به حقيقت آهي ته هن وقت عمران خان جيڪا به سرگرمي ڪري رهيو آهي، اها هن جي چونڊ مهم جو حصو آهي. هو ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪري رهيو آهي. پر ان سان گڏ عمران خان کي اصل انديشو اهوئي آهي ته ڪنهن صورت ۾ حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ چونڊون آڪٽوبر کان به اڳتي ڪرڻ جو ڪو رستو نه ڪڍي وٺن.