اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ جي آڊٽ معاملي ۾ رجسٽرار پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي طلب

اسلام آباد : پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي عدالت عظميٰ جي آڊٽس جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيئرمين نور عالم خان موجب سپريم ڪورٽ جي 11-2010 کان 21-2020 تائين آڊٽ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ سپريم ڪورٽ رجسٽرار کي 16 مئي تي اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. نور عالم خان چيو ته آڊيٽر جنرل صدر، وزيراعظم، چيف جسٽس، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن جو جائزو پيش ڪري. ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر ملڪ مختيار چيو ته ان تي ته اسٽي ٿي ويندو، جنهن تي پي اي سي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اسٽي آيو ته آئون ٻيهر طلب ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button