اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

خيبرپختونخوا جي ٻن شهرن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

اسلام آباد :خيبرپختونخوا جي ٻن شهرن ۾پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي. قومي صحت واري اداري مطابق پشاور ۽ هنگو جي سيوريج پاڻي ۾ وائلڊ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. خيبرپختونخوا جي شهر پشاور ۽ هنگو ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. صحت جي قومي اداري مطابق پشاور ۽ هنگو جي سيوريج پاڻي ۾ وائلڊ پوليو وائرس ون ڏٺو ويو آهي، انهن ٻنهي شهرن مان سيوريج سيمپل اپريل 2023 ۾ ورتا ويا هئا. وفاقي عملدارن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين پوليو جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، گرمين جي شروعات ۾ سيوريج جي پاڻي ۾ پوليو وائرس ملڻ تي ڳڻتي آهي. ان حوالي سان عبدالقادر پٽيل مطابق وائرس جينياتي طور تي افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ موجود وائرس سان لاڳاپيل آهي. پاڪستان ۽ افغانستان پوليو خلاف جنگ ۾ گڏيل ڪوششون جاري رکندا. وفاقي وزير چيو ته والدين پنهنجن ٻارڙن کي ايندڙ سمورين مهمن ۾ پوليو جا حفاظتي قطرا ضرور پيارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button