اسلام آبادپاڪستان

پارليامينٽ ۾ عدليا جي غيراخلاقي مداخلت روڪي وڃي:خواجا آصف

اسلام آباد : بچاءَ واري وزير خواجا آصف مطالبو ڪيو آهي ته پارليامينٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي غير اخلاقي مداخلت روڪي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ٺهراءَ ذريعي سڄي هائوس جي ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ پارليامينٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي غير اخلاقي مداخلت روڪي وڃي. هن چيو ته عدليا اسان جي حدن ۾ نه اچي، اسان کي به انهن جي حدن ۾ نه وڃڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جسٽس منير کان موجوده عدليا تائين آئين ۾ مداخلت جو معاملو حل ڪيو وڃي. آمرن جڏهن جڏهن آئين کي چٿيو، عدليا ان تي آڱوٺا لڳايا، سپريم ڪورٽ ۾ 21 هزار، هاءِ ڪورٽن ۾ 4 لک ڪيس شنوائي هيٺ آهن، اهو ماتم ڪرڻ جو مقام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button