اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ٽيڪس اوڳاڙي جا حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد : ايڪسپورٽ ۾ تيزي سان گهٽتائي سان گڏوگڏ سيلز ٽيڪس جي خراب ڪارڪردگي سبب حڪومت ٽيڪس اوڳاڙي جا حدف حاصل نه ڪري سگهي ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اپريل جي مهيني ۾ ٽيڪس اوڳاڙي حدف کان 17 ڏهائي 57 سيڪڙو يا 103 ارب رپيا گهٽ رهي. ميڊيا رپورٽ مطابق اپريل ۾ 586 ارب رپين جي حدف جي ڀيٽ ۾ ايف بي آر 483 ارب رپيا روينيو گڏ ڪري سگهيو. هن گهٽتائي سبب هاڻي ايف بي آر کي ساليانو حدف حاصل ڪرڻ لاءِ مئي ۽ جون ۾ وڏي پئماني تي رقم جي رڪوري جو چئلينج درپيش آهي پر گذريل سال جمع ڪيل 483 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ هن سال روينيو ۾ ڪائي بهتري ناهي اچي سگهي. جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ کاتن جي ايڊجسمنٽ کان پوءِ حڪومتي خزاني ۾ وڌيڪ ڪجهه ارب رپيا جمع ٿيڻ جو امڪان آهي. اپريل ۾ روينيو ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ هلندڙ مالي سال دوران خسارو وڌي 381 ارب رپين تائين پهتو آهي ڇو ته مالي سال 2023 جي شروعاتي 10 مهينن اندر 60 کرب 19 ارب رپين جي حدف جي ڀيٽ ۾ 56 کرب 38 ارب رپين جي رقم ئي گڏ ٿي سگهي. جڏهن ته ٽيڪس آفيسرن جو چوڻ آهي ته مالي سال 2022 جي شروعاتي 10 مهينن ۾ جمع ٿيندڙ 48 کرب 74 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 15 ڏهائي 67 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. موجوده واڌ حڪومت پاران انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ سان ڪيل واعدن جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي جتي حڪومت عالمي مالياتي اداري کان 74 کرب 70 ارب جو روينيو حدف حاصل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. 14 فيبروري تي حڪومت سيلز ٽيڪس جي شرح 70 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪري ڇڏي هئي. اهڙي طرح سگريٽ تي ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ به واڌ ڪئي وئي هئي ۽ انهن ٻنهي قدمن سان گذريل ساڍن ٽن مهينن ۾ 115 ارب رپين جو اضافي روينيو حاصل ٿيڻ جي توقع هئي. پهرين مارچ کان نافذ عمل انهن نون ٽيڪس قدمن سان حڪومتي خزاني ۾ اصافي 170 ارب رپيا وصول ٿيڻ جي اميد هئي. انهيءَ دوران 7 فيبروري تي سپريم ڪورٽ ٽيڪس جون وڏيون ادائيگيون ڪندڙن کي 50 سيڪڙو سپر ٽيڪس ايف بي آر کي جمع رڪائڻ جو حڪم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button