اسلام آبادپاڪستان

باجوا عمران کي آمريڪا خلاف ڪيو ته سائفر ڇا هو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کان سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن جرنل باجوا آمريڪا کي تنهنجي خلاف ڪيو هو ته پوءِ تون آمريڪي سازش جو واويلا ڇو ڪيو ۽ سائفر ڇا هو. اربع تي عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن باجوا ۽ آئي ايس آئي ٻڌايو هو ته تنهنجا مخالف چور آهن ته پوءِ تنهنجا الزام ڇا هئا. جنرل باجوا توکي ۽ تون 22 ڪروڙ عوام کي ٽرڪ جي بتي جي پٺيان لڳائي ڇڏيو هو. وفاقي وزير چيو ته عمران خان 4 سال پنهنجي دماغ سان رڳو ملڪ کي لٽيو باقي سڀ ٻين جي چوڻ تي ڪيو، توکي ڪڏهن آئي ايس آئي ٻين جي ڪرپشن جو ٻڌايو. ڪڏهن باجوا ٻڌايو تنهنجا ثبوت ڪٿي آهن. وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا باجوا پنهنجي توسيع لاءِ آمريڪا سان لابنگ ڪري رهيو هو ۽ تون بند ڪمري ۾ ان کي تاحيات ايڪسٽينشن جي آڇ ڪري رهيو هئين. باجوا هزار ڀيرا چيو هجي تون اسيمبليون ڪنهن جي چوڻ تي ڇو ٽوڙيون؟ هن چيو ته قوم کي چار سال سمجهه ۾ نه آيو، ملڪ ۽ عوام کي تون ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان لٽيو. عوام ۽ ملڪ سان جيڪو ٿيو، تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ملڪ سان ايئن ظلم ناهي ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button