سنڌ

سنڌ جي ڪڻڪ افغانستان موڪلڻ نه ڏينداسين:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي ڪڻڪ افغانستان کي ڏيڻ واري ڪنهن جي خواهش پوري نه ڪنداسين، ڪڻڪ جي خريداريءَ جو هدف پورو ٿيڻ تائين فلور ملز کي ٻين ضلعن مان ڪڻڪ گهرائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، فلور ملز وارن سان جهيڙو نٿا چاهيون. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪڻڪ جي خريداريءَ جو 50 سيڪڙو هدف پورو ڪري ورتو آهي، بارڊرز کولڻ سان ڪڻڪ جي اسمگلنگ جو خدشو وڃي ٿو. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته اسمگلنگ سان اڳتي هلي صوبي ۾ ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، فلور ملز کي پابند ڪيو آهي ته اٽو ڪنٽرولڊ اگهن تي وڪرو ڪن، حڪومت ڪنهن کي به ناجائز رعايت نٿي ڏئي سگهي، خريداري جو هدف هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button