سنڌ

ميڊيا تي پابنديون جمهوريت کي ڪمزور ڪن ٿيون:بلاول ڀٽو

پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ هجي يا حزب اختلاف ۾ صحافت جي آزادي تي چٽو موقف اختيار ڪيو. صحافت جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمراڻي سوچ پاڪستان ۾ هر وقت جمهوريت تي راتاهو هڻڻ جو موقعو ڳولي ٿي. اها سوچ آزاد صحافت کي گهٽو ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿي. هن چيو ته ميڊيا تي پابنديون جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ معاشري ۾ تقسيم ۽ انتشار جو سبب بڻجن ٿيون. جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ پيپلزپارٽي صحافي اتحاد سدابهار ۽ مضبوط رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري صحافت تي لڳل ڪارن قانون جو خاتمو ڪيو. پي پي ۽ ان جي قيادت جي خلاف بدترين ميڊيا ٽرائل ٿيندو رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ميڊيا ٽرائل جي باوجود پي پي ڪڏهن به صحافت جي آزادي تي مصلحت جو شڪار ناهي ٿي، اسان ڄاڻ جي حق جي قانون کي وڌائڻ ۽ عملدرامد ۾ يقين رکون ٿا. هن چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ صحافي حقن جي تحفظ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. آزاد صحافت لاءِ مثالي ماحول قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. عوام ۾ ميڊيا لٽريسي کي هٿي ڏڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين پيپلزپرٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ صحافت تي لڳل پابندين جي مذمت ڪريان ٿو. عالمي برادري والاريل ڪشمير جي صحافين تي ظلم جي خلاف ڪردار ادا ڪري. وفاقي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ هر ڏينهن صحافين کي قيد جون سختيون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. سال ۾ هڪ ڏينهن والاريل ڪشمير جي صحافين سان ٻڌي جو به ڏينهن ملهائڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button