اسان سڀني ننڍي هوندي کان پنهنجي گهرن ۾ اها ڳالهه ضرور ٻڌي هوندي ته اسان عزت وارا ماڻهو آهيون، خانداني ماڻهو آهيون، اها عزت اسان ۽ اسان جي وڏن وڏين محنتن ۽ قربانين کانپوءِ ڪمائي آهي. ان ڪري ڪوبه اهڙو قدم نه کڻجو جو خاندان جي عزت داءُ تي لڳي وڃي يا اسان جي سالن جي عزت اسان جي ڌيءَ يا پٽ هڪ منٽ ۾ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏين. ڇا آهي اها عزت ۽ اها عزت سان ڀريل سوچ جيڪا ڪنهن جي پسند جي شادي ڪرڻ تي ختم ٿيو وڃي يا پسند جا ڪپڙا پهرڻ تي داءُ تي لڳيو وڃي.
وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جا ڪلچر ان خانداني عزت جي بنياد تي ٺهيل آهن، جنهن ۾ فرد جي آزادي، سندس سوچ، خواهش ۽ سندس جذبا ڪابه معنيٰ نٿا رکن. ڪا شيءِ معنيٰ رکي ٿي ته اها آهي خانداني عزت. پوءِ ان عزت کي قائم رکڻ لاءِ مختلف طريقن سان انفرادي حقن جي لتاڙ ڪري، نفسياتي حربا هلائي انسان جي انفراديت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. اها زهريلي خانداني عزت ڪيترن ئي انسانن جون جانيون ڳڙڪائي چڪي آهي.
ڪا ڇوڪري شادي نٿي ڪري ته خاندان جي عزت خراب ٿيو وڃي، ڪو ماڻهو پسند جي شادي ڪرڻ چاهي ته خاندان جي بي عزتي، نوڪري ڪري ته به خاندان جي عزت خطري ۾. پر اها زهريلي خانداني عزت رڳو عورتن جي انفرادي حقن کي غصب نه پئي ڪري پر مرد به ان ساڳي چڪي ۾ پيسجي پيو. جتي گهر جو وڏو سڀني جي قسمت جا فيصلا ٻڌايو ڇڏي. ان خانداني عزتن سان ڀريل سماج ۾ مرد پنهنجي مسئلن تي روئي به نٿو سگهي ۽ خانداني عزت کي برقرار رکڻ لاءِ هن کي بهادر ۽ جنگجو ٿيڻ به لازمي آهي.
خانداني عزت واري نفسيات سڄي سماج ۾ هڪ ناسور وانگر نظر اچي ٿي، پوءِ ادارن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سان زيادتي ٿئي ٿي ۽ ان جا انفرادي حق متاثر ٿين ٿا ته اتي به اهو ئي چيو ٿو وڃي ته اداري جي عزت جي ڳالهه آهي، اها ڳالهه ٻاهر نه ڪرڻ کپي نه ته اسان جي اداري جي ڪهڙي عزت رهندي. ان کانسواءِ فرد جي آزادي ۽ حقن جي استعمال کان رياست پڻ ڊنل آهي، هتي جيڪڏهن ڪو ماڻهو تحقيقي مقالو لکي ٿو ته ان تي به ملڪ جي عزت داءُ تي لڳي سگهي ٿي، ڪنهن خاص عنوان تي تحقيق به ملڪ جي عزت ۾ ڪميءَ جو سبب ٿي سگهي ٿي.
هن سماج ۾ ڪوبه ماڻهو پنهنجي ذاتي را نٿو رکي سگهي ۽ جيڪڏهن غلطيءَ سان ڪنهن ٻه چار ڪتاب پڙهيل انسان پنهنجي راءِ سوشل ميڊيا تي ڏني ته اهو ته قومي غدار جي لقب سان نوازيو ويندو ۽ قوم جي عزت جا ٺيڪيدار کيس گارين سان وٺندا ته ان ماڻهوءَ جي همت ڪيئن ٿي جو ڪجهه الڳ سوچي. ان سڄي روئيداد جي نتيجي ۾ ماڻهو پنهنجي ذاتي خواهشن جو خون ڪري سماج جي عزت کي محفوظ رکڻ لاءِ زنده رهي ٿو پر آخر انسان آهي، ان جون خواهشون ايڏيون سولائيءَ سان پيون مرن، پوءِ هر اهو ڪم لڪ ۾ ڪري ٿو، جيڪو جائز نموني سان نٿو ڪري سگهي، پوءِ ناجائز جنسي لاڳاپا هجن يا سوشل ميڊيا تي ڪوڙا اڪائونٽ، پردي جي پٺيان سڀ جائز آهي. اهڙي ڪلچر ۾ ماڻهو ٻٽي شخصيت جو شڪار آهن، خاندان جي عزت کي برقرار رکن ٿا پر پسند جي شاديءَ تان هٿ کڻن ٿا ۽ خاندان جي عزت لاءِ قرباني ڏين ٿا. ٻئي طرف ناجائز رشتا رکن ٿا، پنهنجي قوم جي عزت لاءِ هٿيار کنيو ٻي قوم جي ماڻهن کي ماريندا وتن ۽ اهو گمان کنيو وتن ته هڪ قبيلو ٻئي کان اتم آهي ۽ رياست جي عزت بچائڻ لاءِ مذهب جو راڳ آلاپيندا وتن. ٻئي طرف پورن فلمون ڏسڻ ۾ به نمبر ون آهن. عورتن، ٻارن ۽ اقليتن جا حق به غصب ڪيون ۽ اها خبر ٻاهر به نه وڃي. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته انهن خانداني، قومي ۽ رياستي عزتن جي وهمن مان نڪري اچون.
ڪابه جمهوريت تيستائين صحيح معنيٰ ۾ نه ٿي اچي سگهي، جيستائين فرد انفرادي آزادي حاصل نٿو ڪري. وڏي کل جوڳي ڳالهه ته اها آهي جيڪي خانداني عزت کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي حقن جي قرباني پيا ڏين ۽ سمجهن ٿا قرباني ڏيڻ کانپوءِ ٻيا ماڻهو سندن عزت ڪندا ۽ غلام ٿي رهندا، پوءِ بار بار پيا روئيندا اسان خاندان لاءِ قربانيون ڏنيون. جيڪو انسان پنهنجي حقن کي محفوظ نه ڪري سگهيو سو گهرڀاتين کي ڪهڙا حق ڏياريندو پر خاندان وارن جا فيصلا به اهڙا ئي عزت وارا ماڻهو ڪري رهيا هوندا آهن، ته ڀلي ڌيءَ ڪهڙي به بيڪار شادي شده زندگي گذاري رهي هجي پر طلاق نه وٺي. اهو خانداني سطح تي آمريت جو هڪ مثال آهي ۽ خاندان ڪنهن به سماج جو جز هوندو آهي. جيڪڏهن خاندان ۾ ئي آمريت جو ڪلچر آهي ته پوءِ ماڻهو اها اميد ڪيئن ٿو ڪري سگهي ته ملڪ ۾ جمهوريت هجي.