ملڪ جي سياست اهم موڙ تان گذري رهي آهي. اهو موڙ تمام مشڪل آهي. ان موڙ جي اهميت ان حوالي سان به اهم بڻجي وڃي ٿي جو ان موڙ آڏو امڪانن ۽ انديشن جا گهڻا آپشن آهن. ڇو ته هن وقت تائين ڪا به ڳالهه پوري پڪ ۽ يقين سان ڪري نه ٿي سگهجي. ٻن صوبن جون چونڊون مئي مهيني ۾ ته ٿينديون ڪنهن کي به نظر نه ٿيون اچن پر ان عدالتي حڪم جي عدوليءَ جا ڪهڙا اثر پوندا؟ ڪنهن کي ڪجهه به معلوم ناهي. ڇا عمران خان جو اهو مطالبو تسليم ڪيو ويندو ته پوري ملڪ جون چونڊون هڪ ڏينهن ٿين پر اهي سيپٽيمبر ۾ ئي ٿين؟ ان سوال جو جواب به ڪنهن کي معلوم ناهي. الميو اهو آهي ته سياستدان ۽ ملڪ جا نالي وارا صحافي حضرات به آڪٽوبر ۾ اليڪشن جي پڪ ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. ملڪ ۾ اقتداري سياست جي سلسلي ۾ هڪ مستقل کٽراڳ هلي رهيو آهي. هڪ سخت قسم جي معاشي بحران بي مندائتي برسات وانگر وسڪارو لائي ويٺو آهي. ملڪي سياست جو سڀ کان منفي پاسو اهو آهي ته ملڪ جي عوام جو ڪنهن به ڌر کي ڪو به فڪر ناهي.
عمران خان کي عوام صرف ان لاءِ پسند آهي ته جو عوام جو چڱو خاصو انگ هن جي جلسن جي زينت بڻجي ٿو ۽ هن جي لاءِ عوام جو هڪ حصو تاڙيون وڄائي ٿو ۽ هن جي پارٽيءَ جا جهنڊا لهرائي ٿو. جڏهن ته سرڪار کي عوام جي ان روش تي سخت اعتراض آهي. حڪومتي پارٽيون ”آن دي رڪارڊ“ ڪجهه چئي نه ٿيون سگهن پر هو پنهنجي اندر ۾ ان تي تمام گهڻيون ناراض آهن ته عوام کي آخر عمران ۾ ڪهڙي خوبي نظر آئي آهي؟ ان سلسلي ۾ جڏهن انهن کان سوال ڪيو وڃي ٿو ته هو دنيا جي انهن فاشسٽ ليڊرن جا نالا کڻن ٿا، جن کي پنهنجي دور ۾ عوام جي ڀرپور حمايت حاصل هئي. جڏهن ته عمران خان ۾ هن مهل تائين سياسي مخالفن کان سواءِ ڪنهن به ڌر کي ڪو هٽلر نظر نه آيو آهي. عمران خان عوام جو بار بار ذڪر ڪري ٿو، ڇو ته پاڪستان جي حوالي سان هن مهل تائين جيڪي به پول ٿيا آهن، انهن ۾ عمران خان جي عوامي مقبوليت کي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ سرڪار عوام جو ذڪر ڪرڻ بدران گهڻو تڻو ملڪ جو ذڪر ڪري رهي آهي. ڇا دنيا جو ڪو به ملڪ عوام کان سواءِ پنهنجي وجود جي دعويٰ به ڪري سگهي ٿو؟ ملڪ جي سڀ کان سگهاري قوت اسٽيبلشمينٽ آهي. اسٽيبلشمينٽ کي عوام جي حوالي سان صرف اهو فڪر آهي ته ڪٿي عوام فوج جو مخالف نه بڻجي وڃي. اهوئي سبب آهي ته تازو پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف چٽن لفظن ۾ چيو ته دشمن ملڪي فوج ۽ عوام ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
آرمي چيف جنرل عاصم منير ان سلسلي ۾ ٻن دشمن قوتن جو ذڪر ڪيو. هڪ ظاهري دشمن ۽ هڪ ڳجهو دشمن! پاڪستان جو ظاهري دشمن ڪير آهي؟ ان سوال جو جواب هر پاڪستاني شهريءَ کي معلوم آهي. جڏهن ته ملڪ جو لڪل دشمن تمام گهڻو منجهيل لفظ آهي. مجموعي طور تي لڪل دشمن ان قوت کي سمجهي سگهجي ٿو جيڪا بظاهر ملڪ سان محبت جو اظهار ڪري پر ملڪ جي فوج کي تنقيد جو نشانو بڻائي. پاڪستان جي سياست ۾ ميان نواز شريف اهو پهريون سياستدان هو، جنهن فوج جي سياسي ڪردار کي نالا کڻي منظرعام تي آندو ۽ جڏهن هن جي پارٽي اقتدار ۾ آئي ته هن جو اهو بيانيو ختم ٿي ويو ۽ اقتدار کان محروم ٿيندڙ عمران خان ان سلسلي کي ان حد تائين پهچايو، جنهن جو منظر هن مهل اسان سڀني جي اکين آڏو آهي. اهو عمران خان ئي هو، جنهن اسٽيبلشمينٽ کي کليل لفظن ۾ چيو ته اها هن جو ساٿ ڏئي ۽ کيس اقتدار ۾ آڻي.
عمران خان جو اڳوڻي آرمي چيف تي هن مهل تائين اهو الزام آهي ته هن سندس اقتدار جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. عمران خان جي اهڙي موقف سبب هن جا حامي سوشل ميڊيا تي اسٽيبلشمينٽ خلاف بنهه مڇرجي پيا ۽ هونءَ به عمران خان جا ڪارڪن هڪ اهڙي سياسي جنس طور سڃاتا ويندا آهن، جيڪي پنهنجي قائد جي نقش قدم تي هلندي پنهنجن مخالفن تي سياسي گهٽ ۽ ذاتي حملا وڌيڪ ڪندا آهن.
پاڪستان جي سياست ۾ هڪ ٻئي مٿان تنقيد جي نالي سان چٿرون ڪرڻ جو رواج رهيو آهي پر اهو ڪڏهن نه ٿيو آهي ته ملڪ ۾ فوج کي نه صرف تنقيد جو نشانو بڻجي وڃي پر ملڪ جي محافظ اداري لاءِ اهڙي ٻولي استعمال ڪئي وڃي، جنهن سان فوج کي پنهنجو وقار مجروح ٿيندو محسوس ٿئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ ۾ جڏهن جڏهن به مارشل لا لڳي آهي، تڏهن فوج تنقيد جو نشانو بڻي آهي پر جڏهن مارشلا به نه هجي ۽ سول سرڪار ملڪي اقتدار جي مالڪ هجي پر فوج جي قيادت خلاف سوشل ميڊيا جو تمام گهڻو استعمال ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي سلسلي ۾ اها ڳالهه به نوٽ ڪئي وئي آهي ۽ ان جو تمام گهڻو تذڪرو به ٿيندو رهيو آهي ته تحريڪ انصاف جي ”لوز ٽاڪ ڪلچر“ (Loose Talk Culture) جي سڀ کان سرڪش ڌر اها آهي، جيڪي ملڪ کان ٻاهر رهي ٿي. اها ڌر لنڊن ۾ ميان نواز شريف جي گهر آڏو جيڪي تماشا ڪندي رهي آهي، ان سان ميان نواز شريف جو پورو پاڙو آزاريل آهي پر اها پوري دنيا ۾ جڏهن پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي ٿي ته پنهنجي ٻوليءَ جي استعمال ۾ هن کي نتيجن جي ڪا پرواهه نه ٿي هجي. ڇو ته هن جي مٿان ملڪ جو قانون لاڳو نه ٿو ٿئي. هوءَ گهڻو ڪري ٻين ملڪن جي شهريت جي مالڪ آهي ۽ هن کي ڪا پرواهه ناهي ته هن جو پاڪستاني قانون ڪجهه به بگاڙي سگهندو. اها پنهنجي محفوظ مورچي ۾ ويهي جهڙي طرح سان پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ خلاف جنهن قسم جا لفظ استعمال ڪري ٿي ان سان اسٽيبلشمينٽ جو ڪاوڙ ۾ اچڻ هڪ فطري عمل آهي. ان قسم جي انداز سبب اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي وچ ۾ وڇوٽيون گهٽجڻ بدران مسلسل وڌنديون رهيون آهن. هن وقت عمران خان تمام گهڻو پريشان آهي. هن کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته پنهنجي مجموعي سياست سبب هو اسٽيبلشمينٽ لاءِ پسند جوڳو ڪردار نه رهيو آهي ۽ هن جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۾ اهو احساس بلڪل به نه رهيو آهي، جيڪو اڳ ۾ هو.
عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين سبب تحريڪ انصاف جي ٻين صف واري قيادت به تمام گهڻي پريشان آهي. عمران خان پاڻ ان ڳالهه جو اظهار ڪري چڪو آهي ته هن جي پارٽيءَ جا ماڻهو هن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ پارٽيءَ کي اطلاع ڪرڻ بدران اسٽيبلشمينٽ سان رابطا ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف ۾ عمران خان ڪارڪنن جي حوالي سان نه پر پنهنجي ٻيون نمبر قيادت جي حوالي سان مسلسل تنهائيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ ان صورتحال سبب عمران خان جي پريشاني فطري آهي. عمران خان جي ان مسئلي جو تڪڙو حل مشڪل نظر اچي رهيو آهي.