ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياست ۽ عمران نيازيءَ جي گرفتاري

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته پاڪستان ۾ هڪ پارٽي خلاف ٿيندڙ ڪا سياسي ڪارروائي ڪنهن ٻي پارٽيءَ لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه هوندي آهي. ڪالهه جڏهن نواز شريف خلاف ڪورٽون ڪات ڪهاڙا کڻيون بيٺيون هيون ۽ نيب سندس گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو هو ته عمران خان نيازي پنهنجو پاڻ کي آسمان تي پئي ڀانيون ۽ جڏهن نواز شريف جيل ۾ ويو ته عمران خان نيازيءَ جي هر تقرير جو موضوع نواز شريف هوندو هو. هڪ تقرير ۾ ته هن نواز شريف جي جيل مان اي سي ڪڍائڻ جو اعلان ڪيو هو ته جيئن کيس گرمي محسوس ٿئي. پر هڪ عام ماڻهو توڙي حاڪم لاءِ ڏينهن ڪڏهن به ساڳيا ڪونه رهندا آهن، اهڙي ريت عمران خان نيازيءَ لاءِ به ڏينهن ساڳيا ڪونه رهيا آهن. ڪالهه کيس نيب پاران جاري ڪيل وارنٽ آڌار عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. کيس ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
نيب پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جا گرفتاري وارا وارنٽ پهرين مئي تي جاري ٿيا هئا کيس القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم حڪومت گذريل سال جون ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان نيازي ۽ سندس گهرواري بشرا بي بيءَ تي الزام لڳايو هو ته هن هڪ ريئل اسٽيٽ ڊيولپر کان 50 ارب ڊالر جي لانڊر ڪيل رقم کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ هڪ ٽرسٽ لاءِ اربين رپين جي ايراضي حاصل ڪئي هئي. پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران برطانيه جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي مني لانڊرنگ جاچ کان پوءِ پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جي رقم واپس ڪئي هئي ته ان کي عمران خان 3 ڊسمبر 2019ع تي ڪابينا جي اجلاس ۾ ميمبرن کي پڙهڻ جي اجازت ڪونه ڏني ۽ ڄاڻايل ملڪيت ٽائيڪون جي حق ۾ برطانيه مان واپس آيل رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهڙي ريت ان جو فائدو نه رڳو پراپرٽي ٽائيڪون پر عمران خان نيازي پاڻ به ورتو ۽ اهو ڪيس ڪرپشن ڪرڻ جي زمري ۾ اچي ويو.
هي اهو ئي نيب آهي جيڪو عمران خان نيازيءَ جي حڪومت دوران کيس نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي خلاف استعمال پيو ٿيندو هو. جنهنڪري عمران خان کي سياسي انتقام وٺڻ جو چسڪو لڳي ويو هو، نتيجي ۾ نه رڳو عمران خان نيازي نيب جو دفاع ڪندو رهيو پر جيڪي ترميمون نيب جي اختيارن بابت ان وقت جون اپوزيشن پارٽيون عمران خان نيازيءَ جي حڪومت کي پيش ڪري رهيون هيون، اهي به هن قبول ڪونه ڪيون. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ ان ساڳي نيب واري ڪاري قانون جو عمران خان پاڻ شڪار ٿي ويو آهي.
قانون جي حڪمرانيءَ جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان نيازي قانون جي حڪمراني پنهنجي حڪومتي دور ۾ نه آڻي سگهيو. سندس ئي حڪومت دور ۾ ماڻهن سان جيڪي ڪلور پيا ٿيندا هئا، هو انهن تي ڳالهائڻ بدران انهن جي خلاف ڳالهائيندو هو. جيڪڏهن هو قانون جي حڪمراني تي هلندڙ حڪمران هجي ته القادر ٽرسٽ وارو ڪيس سندس ڳچيءَ ۾ ڪونه پوي ها.
پي ٽي آءِ ان ڪري به پنهنجي منطقي انجام تي پهچڻي آهي جو اها پارٽي پنهنجي مزاج ۾ سياست ۽ جمهوريت دشمن پارٽي آهي. جنهن وٽ ان ڳالهه جي اهميت آهي ته ملڪ ۾ هر حال ۾ هڪ فاشسٽ حڪمراني قائم ڪئي وڃي. جڏهن ته پي ٽي آءِ چاهڻ کان سواءِ به ملڪ ۾ فاشزم کي روڪي نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته اڄ به اختيار سويلين وٽ ڪونه آهن. اهي اختيار اڄ به انهن ڌرين وٽ آهن، جيڪي ملڪ جا سياسي فيصلا ڪن ٿيون ۽ سياستدانن کي نه چاهيندي به اهي فيصلا قبول ڪرڻا پوندا آهن.
هاڻ جڏهن عمران خان گرفتار ٿي چڪو آهي ته کيس اندازو ٿي وڃڻ گهرجي ته ٻين جي ڪلهي تي بندوق رکي ملڪ جي سياستدانن کي نشانو بڻائڻ ۾ وقتي طور ته مزو اچي ٿو پر جڏهن اهو ڪلهو کسجي ويندو آهي ته سڀڪجهه کسجي ويندو آهي. ڪالهه تائين فوج جي ساراهه ۾ زمين آسمان هڪ ڪندڙ عمران خان نيازي اڄ ان تي هر قسم جو الزام هڻي رهيو آهي. هو پنهنجي هر ڪيل ڪم جو ذميواري اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باوجوه کي سمجهي ٿو. جيڪڏهن هو ايترو بي اختيار وزير اعظم هو ته کيس عهدو ڇڏڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي ها.
سياست ۾ گرفتاريون ۽ جيل ٿيندا رهندا پر وري به سوال اهو آهي ته ڇا اهي جيل ياترائون اسان جي سياستدانن کي ڪو سبق سيکارين ٿيون؟ عمران خان لاءِ هي موقعو آهي ته هو موقعي پرست سياست ڇڏي، عوامي سياست ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button