ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وڌندڙ گرمي پد: دنيا سنجيده اپاءَ وٺي

Editorial

دنيا جي ٻين ڪيترن ئي اهم معاملن سان گڏوگڏ ماحوليات ۽ وڌندڙ گرمي پد به اهم آهن. هر سال وڌندڙ گرمي پد نه رڳو دنيا جي سڄي ويو منڊل تي پنهنجا اثر ڏيکاري رهيو آهي پر ان سان انساني حياتين توڙي جهنگلي ۽ آبي جيوت به پريشانيءَ جو شڪار نظر اچي رهيون آهن پر ڇا دنيا جا اهي ملڪ جيڪي ڪاربان وڏي مقدار ۾ خارج ڪري رهيا آهن ۽ ان کان سواءِ گهڻي گرميءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن، انهن ماحوليات کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيترو ويچاريو آهي، هيستائين دنيا جي ماحوليات تباهه ڪري جيڪو نقصان اسان پرايو آهي، ان جو ازالو ڪرڻ ۾ ڪئين ڏهاڪا لڳي ويندا آهن. هاڻوڪن ڏينهن ۾ پاڪستان به گرمي پد وڌي ويو آهي، عام ماڻهو لاءِ روزمره جا معاملا هلائڻ ئي ڏکيو ٿي ويو آهي، وڻن جي واڍي، ٻيلن جو خاتمو ۽ ماحول دوست سرگرميون نه هجڻ ڪري جيڪي ڪجهه اسين اچ ڀوڳي رهيا آهيون، اهو اسان جي ايندڙ نسل کي به ڀوڳڻو پوندو. ڪالهه هڪ اهڙي ئي رپورٽ ڇپي آهي، جنهن ۾ ايشيا کنڊ ۾ وڌندڙ گرميءَ بابت انڪشاف ڪيو ويو آهي.
ايشيا جا مختلف حصا سخت گرميءَ جي گهيري ۾ آهن، جنهن سبب سائنسدانن جي اِها اڳڪٿي درست ثابت ٿي سگهي ته سال 2023ع دنيا جو گرم ترين سال هوندو. ايل نينو نالي موسمياتي لهر جي امڪاني شروعات ايشيا کنڊ جي ڏاکڻي حصن ۾ گرمي پد کي رڪارڊ سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي. آچر واري ڏينهن ويٽنام ۾ مُلڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 44 ڏهائي 2 سينٽي گريڊ تائين پهچي چڪو هو، جڏهن ته ان جي پاڙيسري مُلڪ لائوس ۾ به نون رڪارڊن جي جڙڻ جو امڪان آهي. فلپائن ۾ گرمي پد وڌڻ کانپوءِ اسڪولن جي وقتن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي. ٿائيلينڊ جي اترين ۽ وچولن علائقن ۾ گذريل هفتي گرمي پد چاليهه ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ رهيو جنهن سبب بجلي جي گهرج ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. ايشيا جي ٻين مُلڪن جهڙوڪ، چين، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ گذريل ڪجهه هفتن دوران گرمي پد ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. اپريل ۾ ڀارت جي مختلف حصن ۾ گرمي پد ۾ واڌ کانپوءِ هيٽ ويوز الرٽ جاري ڪيا ويا ۽ ڪجهه رياستن ۾ اسڪول بند ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ واقعي ۾ يارهن ڄڻا هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿي ويا هئا.
اسين سمجهون ٿا ته ايشيا ۾ جڏهن گرمي پد وڌي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان سان پاڪستان هر صورت ۾ متاثر ٿيندو. جيڪڏهن پاڪستان کي گرميءَ جي لهر کان بچڻو آهي ته ماحوليات کي بهتر ڪرڻو آهي ته ان کي پنهنجو حصو پتي وجهڻو پوندو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته وڌ کان وڌ ٻيلا پوکيا وڃن، ماڻهن کي بهتر ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ جيڪي به گهرجون آهن، اهي پوريون ڪيون. وڃن. زرعي زمينن تي رهائشي اسڪيمون بند ڪرڻيون پونديون ته جيئن اتي فصل ٿيندا رهن. ان کان سواءِ شهرن ۾ به گرين زون وڌائڻا پوندا ته جيئن شهري آباديءَ کي به بهتر ماحول ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button