اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ڪرپشن جي الزام هيٺ رينجرز هٿان گرفتار

اسلام آباد/راولپنڊي :قومي احتساب بيورو (نيب) جي حڪم تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي رينجرز اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي. اڄ احتساب عدالت آڏو پيش ڪيو ويندو. ڪالهه پي ٽي آءِ چيئرمين وهيل چيئر تي عسڪري ادارن بابت بيان بازي سميت ٻين ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي رينجرز جي ڳري نفري کيس حراست ۾ ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ جي نيب ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ نيب عملدارن وٽ سندس گرفتاري جا وارنٽ موجود هئا. ان ڏس ۾ آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته عمران خان کي سخت سيڪيورٽي ۾ نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو جتي سندس طبي معائنو ڪيو ويو. عمران جي گرفتاري جي موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي ۽ رينجرز اهلڪار وڏي انگ ۾ موجود هئا. وڪيل علي بخاري موجب عمران خان برانچ دائري ٻاهران بائيو ميٽرڪ ڪرائڻ ويو هو، جتي کيس بايو ميٽرڪ روم جا شيشا ٽوڙي گرفتار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گرفتاري جون اڳ تياريون هيون ۽ هن لاءِ هڪ هفتو اڳ ئي ڪمرو تيار ڪيو ويو هو. عمران خان جي گرفتاري جي وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ وڪيل هٿين پئجي ويا جنهن سبب پوليس اهلڪار ۽ وڪيل زخمي به ٿيا. جڏهن ته قومي احتساب بيورو طرفان عمران خان جا گرفتاري وارنٽ پهرين مئي تي جاري ٿيا هئا، عمران خان جا وارنٽ نيب چيئرمين جي صحيح سان جاري ٿيا. نيب جي پڌرائي مطابق عمران خان کي القادر يونيورسٽي ٽرسٽ ۾ بدعنوائي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتاري کانپو کيس نيب پنڊي جي آفيس منتقل ڪيو ويو جتي سندس طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو. سندس طبي معائنو 7 ميمبرن تي ٻڌل بورڊ ڪيو. عمران خان کي اڄ احتساب عدالت آڏو پيش ڪيو ويندو. ٻئي طرف عمران خان جي طبي معائني لا پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي. عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ سندس طبي معائنو ڪيو ويندو. عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي القادر يونيورسٽي ڪيس ۾ نيب انڪوائري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. هن درخواست ۾ چيئرمين ۽ ڊي جي نيب راولپنڊي کي ڌر بڻايو ۽ موقف اختيار ڪيو ته سياسي مخالفن بي بنياد الزامن تي نيب جاچ شروع ڪئي، عدالت نيب انڪوائري جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي. واضح رهي ته القادر يونيورسٽي اسلام آباد ويجهو جهلم جي علائقي سهوا ۾ تعمير ٿيندڙ هڪ خانگي يونيورسٽي آهي. هي منصوبو القادر يونيورسٽي پروجيڪٽ ٽرسٽ جو حصو آهي. 5 مئي 2019ع تي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان القادر يونيورسٽي جو پيڙهه جو پٿر رکيو. سندس مقصد هڪ اهڙي يونيورسٽي ٺاهڻ جو هو، جتي تصوف ۽ سيرت رسول صه سان گڏ دنياوي تعليم به ڏني ويندي. هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي هن يونيورسٽي لاءِ زمين ڏني هئي. پرائيويٽ سوسائٽي اها زمين زلفي بخاري کي منتقل ڪئي جنهن اها زمين القادر ٽرسٽ کي منتقل ڪئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شهزاد اڪبر خريداري لاءِ سيل ڊيڊ پيش ڪيو جنهن جي ڪابينا منظوري ڏني. ان لاءِ لنڊن مان 495 ڪروڙ رپيا منتقل ڪيا ويا. گذريل سال ميڊيا رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو هو ته لکين رپين جي ٽرسٽ يونيورسٽي ۾ صرف 37 شاگرد پڙهي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button