جيستائين عمران خان خيرن سان سياست ۾ پير نه پاتو هو، تيستائين پاڻ کي “ٻُڌائڻ وارا” سدائين اهو پيا ٻُڌائيندا هئا ته قومي سلامتي کي خطرو آهي. اها قومي سلامتي جيڪا اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته آخر اها آهي ڇا يا اها ڪٿي رهندي آهي پر جيئن ته هن ملڪ جي عوام کي اهو حق حاصل ئي ناهي رهيو ته پنهنجن مانوارن محافظن کان ڪوئي سوال پڇي سگهي، تنهن ڪري سواءِ اعتبار ڪرڻ جي عوام وٽ ڪڏهن ڪا ٻي واهه رهي ئي ڪانه. ۽ ايئن قومي سلامتي سدائين خطري ۾ رهندي آئي ۽ هن ملڪ جو مسڪين عوام قومي سلامتي جو بار ڪُلهن تي کڻي کڻي هڏائون پِڃرو ٿي ويو. پوءِ وري اوچتو ايئن ٿيو جو قومي سلامتي کي خطري ۾ ڄاڻائيندڙن پاران هڪ نئون قسطوار ڊرامو تيار ڪيو ويو ۽ ان ڊرامي ۾ هيرو طور عمران خان صاحب کي سامهون آڻي، اهو بانور ڪرايو ويو ته هاڻ هن ملڪ جي عوام کي ڪا به ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي، جو انصاف ڪرڻ وارو اچي ويو آهي.
ايئن انصاف جي حڪمراني آڻڻ لاءِ آهستي آهستي عمران خان کي اڳتي وڌايو ويو. هن جي لاءِ اسڪرپٽ تيار ڪيو ويو ته کيس رڳو اهو چوڻو آهي ته ملڪ جا سمورا سياستدان چور ۽ بدعنوان آهن، جيڪڏهن ملڪ اندر فرشتن جو ڪوئي گروهه رهي ٿو ته اهو پنڊي جي لوهي چئوديواري اندر رهندڙن جو پويتر پاڙو ئي آهي. ظاهر آهي عمران خان جي اها ٻولي پويترن جي واري ۾ هئي ۽ انهن کيس نيٺ اچي ان عهدي تي به پهچايو جنهن عهدي تي عمران خان پنهنجي ذاتي صلاحيت سان ستن جنمن تائين به نٿي پهچي سگهيو. اهو ان ڪري جو عمران خان کي هڪ ته سياست جي سِينَ جي به سُڌ ناهي ۽ ٻيو ته هو جهڙِي ريت ڪرڪيٽ دوران پرائي پورهئي کي به رڳو پنهنجي ذاتي کاتي ۾ ڳڻائيندو رهيو، تيئن سياست ۾ ممڪن ناهي هوندو. بهرحال جيئن هو ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي ٽيم جي پورهيي تي آڌاريل هو، تيئن کيس سياست جي ميدان ۾ به هڪڙي ٽيم تيار ڪري ڏني وئي. جنهن جو ڪم فقط عمران خان جي شان ۾ ئي رات ڏينهن ڳالهائڻو هو. ڇا جا هن ملڪ جا بنيادي تضاد، ڇا جو آئين، ڇا جا قومن جا بنيادي حق!! نه ڪجهه به نه!! بس عمران، عمران ۽ رڳو عمران!!
اها ئي سا ڪُڌي ڪِرت هئي، جنهن جي قيمت هن وقت ملڪ جو مسڪين عوام ۽ هر هڪ ادارو ادا ڪري رهيو آهي ۽ اڃان اهڙي قيمت شايد اوستائين ادا ڪرڻي پوندي جيستائين عمران جي مٿي مان رهيل هوا نٿي نڪري. اها هوا جن منجهس ڀَري، هاڻ انهي هوا کي عمراني کوپڙي مان ڪڍڻ به انهن جي ئي ذميواري آهي پر ان سموري مرحلي دوران عمران خان جيڪي ڇڙيون هڻي رهيو آهي، تنهن مان خطرو انهي ڦوڪڻي ڦاٽڻ جو آهي ۽ جيڪڏهن اهو ڦوڪڻو ڦاٽي ٿو پوي ته ان ۾ رازن جو جيڪو راڄ پيو آهي، تنهن جي عام ٿيڻ سان ملڪي پَت جون ڌڄيون اڏامي سگهن ٿيون.
حالانڪ سچ اهو آهي ته ملڪي پَت جون ڌڄيون ڪڏهوڪيون اڏامي به چڪيون پر پوءِ به پاڻ مڙئي سنگت جو مُنهن رکندي اهو چئي ٿا ڇڏيون ته نه، اڃان به ڪجهه مڙئي عزت بچيل آهي. سو سائين منهنجا!! اها آهي انهي خطري جي اصل مختصر ڪهاڻي جيڪا پاڻ پيش ڪري آياسين. ڪهڙي ڪهاڻي؟ ڪهاڻي اها ته هن ملڪ کي اصل خطرو تاريخ جي انهي ڪُڌي ڪِرت مان آهي، جنهن وسيلي هتان جي اسٽبلشمينٽ اصل عوامي قوتن کي غدار، ملڪ دشمن ۽ ڪافر قرار ڏيئي، کين جيلن حوالي ڪري، ڦاهيون ڏيئي رستي تان هٽائيندي رهي ۽ انهن جي متبادل طور ڪُوڙا، نااهل، عياش ۽ عيار ماڻهو اڳواڻ طور ٿاڦيندي رهي. جيڪڏهن هتان جي اسٽبلشمينٽ اڃان به اکيون نه پٽيون ۽ ملڪ ۾ آئين جي اصل ۽ حقيقي عوامي جمهوري حڪمراني کي تسليم نه ڪيو ويو پوءِ ته عمران خان اسٽبلشمينٽ مٿان لڳايل الزام ثابت ڪري سگهي يا نه پر تيزي سان تبديل ٿيندڙ وقت جنهن رُخ ۾ ڪَر موڙڻ لڳو آهي، اهو رُخ پاڻهي ئي سموريون سچائيون ڇنڊي ڇاڻي جڳ جهان آڏو آڻي ڇڏيندو. ۽ جڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ نه ته ڪا صلح صفائي ڪم اچي سگهندي ۽ نه ڪا دفاعي حڪمت عملي. ان کان اڳ جو اها گهڙي اچي، قومن جا تاريخي حق تسليم ڪندي آئين کي عزت ڏيو.