ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي گرفتاري

Editorial-Article- Umer Qazi

عمران خان جي مٿان گرفتاريءَ جو ڀوت گهڻي وقت کان وٺي گردش ڪري رهيو هو. گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان رينجرز ان عمران خان کي کنڀي کنيو، جيڪو هن وقت تائين گرفتاريءَ کان بچندو رهيو هو. عمران خان جي گرفتاريءَ سبب هڪ طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ٻي طرف ملڪ جي مک شهرن ۾ عوام جو احتجاج شروع ٿي ويو آهي.
عمران خان جي گرفتاريءَ کي ملڪ جا گهڻا مبصر ان پس منظر ۾ به ڏسن ٿا ته عمران ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن. هونءَ به پاڪ فوج جي ترجمان پاران عمران خان خلاف ڏنل بيان بعد پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ موجود صورتحال بلڪل صاف ٿي وئي آهي. جڏهن آءِ ايس پي آر جي اهڙي بيان کان اڳ پاڪستان جي سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ اهو چوٻول هو ته فوج عمران خان مان خوش ناهي پر هن مهل تائين ڪو به اهڙي ڳالهه جي تصديق نه ٿي ڪري سگهيو. گذريل ڏينهن جڏهن فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران عمران خان جي انهن بيانن جي مذمت ڪئي وئي، جنهن ۾ هن حاضر سروس فوجي آفيسرن يا آفيسر جي مٿان پاڻ مٿان حملي جو الزام عائد ڪيو ته پاڪستان جي سياست ۾ هڪ نئون باب کلي ويو آهي.
عمران خان خلاف فوج جي ترجمان اڳ ۾ به پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ۽ ان پريس ڪانفرنس ۾ آءِ ايس آءِ جو سربراهه به موجود هو. پر اسان کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اهو واقعو ان وقت جو هو، جنهن وقت جنرل باجوا پنهنجو مدو پورو ڪرڻ وارو هو. جڏهن کان نئين آرمي چيف جي آمد ٿي آهي، تڏهن کان وٺي ان سوال تي گهڻو غور ۽ ويچار ٿيندو رهيو آهي ته فوج جو نئون سربراهه عمران خان جي باري ۾ ڪهڙي سوچ رکي ٿو؟ جيتوڻيڪ عمران خان ان معاملي تي اڳ به پنهنجو موقف رکندي چيو هو ته هن مهل تائين نئين آرمي چيف اهم عهدن جي حوالي سان ڪي به تبديليون نه ڪيون آهن. ان مان صاف ظاهر آهي ته هن وقت به فوج جا ادارا انهن پاليسين تي هلي رهيا آهن، جيڪي جنرل باجوا جون هيون. پر پوءِ به اندازو لڳائڻ ۽ خود ان شيءَ جو اظهار ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ان فرق کي سمجهڻ کان سواءِ سياست کي ڪنهن به طور تي سمجهي نه ٿو سمجهي سگهجي.
سياست ۾ تمام گهڻا افواهه ۽ حال احوال ٿيندا رهندا آهن. سياست ۾ ادارا ۽ فرد هڪ ٻئي کي پيغام به اماڻيندا آهن پر انهن جي نوعيت گهڻو ڪري مخفي هوندي آهي. جڏهن ڪو ادارو يا ڪو تمام گهڻو طاقتور فرد پنهنجو بيان جاري ڪري ٿو ۽ اهو پيغام پبلڪ جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو ته پوءِ اهو هڪ اهڙي پاليسيءَ جو حصو ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ تبديلي تمام گهڻي مشڪل سمجهي ويندي آهي. عمران خان سان به هن وقت ملڪي فوج جو معاملو ان نوعيت وارو بڻجي ويو آهي جو ان کي پڌرو ڪرڻو پيو آهي. ڇو ته عمران خان گهڻي وقت کان وٺي اهڙي سياست ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ تمام گهڻي تلخي آهي. اها تلخي گهڻو ڪري اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان آهي. عمران خان جي سلسلي ۾ سموري دنيا سمجهي ٿي ته هو اسٽيبلشمينٽ کي دٻاءَ هيٺ آڻي رهيو آهي ته هن کي اقتدار ۾ آندو وڃي. اسان کي اهو به معلوم آهي ۽ هونءَ به اهو ڪو راز ناهي ته عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جي حوالي سان اسٽيبلشمينٽ جو اهم ڪردار رهيو هو. پر اها به حقيقت آهي ۽ ان کي ڪنهن به طور تي تبديل ڪري نه ٿو سگهجي ۽ نه وري اڄ ڏينهن تائين ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ڏٺي وئي آهي ته جڏهن به جنهن فرد يا جنهن ڌر کي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پاران طاقت فراهم ڪري مٿي آندو آهي، اهو فرد يا اها ڌر اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ بعد ۾ آزار جو باعث ضرور بڻي آهي. هن وقت عمران خان ان صورتحال جو تازو ۽ تمام اهم مثال بڻجي ويو آهي. عمران خان جي سلسلي ۾ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ٻن حوالن سان پريشان آهي ۽ اهي ٻيئي حوالا اهڙا آهن، جن کي ڪنهن به طرح سان رد ڪري نه ٿو سگهجي. هڪ ته عمران خان اقتدار مان آئوٽ ٿيڻ بعد مسلسل فوج جي اڳوڻي قيادت مٿان تنقيد ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته هن کي اقتدار مان ڪڍڻ ۾ جنرل باجوا جو اهم ڪردار هو ۽ ٻيو ته هو مشهور هجڻ سبب عوام جي وڏي انگ کي متاثر ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ان سلسلي ۾ تمام گهڻي حساس هوندي آهي.
عمران خان جي مٿان هڪ حملو واضح طرح سان ٿيو هو ۽ ان ۾ هن کي ڄنگهه ۾ گوليون به لڳيون هيون پر عمران خان جي دعويٰ آهي ته هن تي هڪ ڀيرو نه پر ٻه ڀيرا حملو ٿيو آهي. ٻيو حملو هو جيوڊيشل ڪامپليڪس وارو قرار ڏئي رهيو آهي ۽ ٻنهي حملن جو هو ڪڏهن اڻ سڌي طرح سان ته ڪڏهن سڌي طرح سان اسٽيبلشمينٽ مٿان الزام عائد ڪندو رهيو آهي ۽ هن ان حاضر سروس هڪ آفيسر جو نالو به ورتو آهي ۽ جڏهن پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هئي، تڏهن هن پوري ڪوشش ڪئي هئي ته انهن فردن جي مٿان ڪيس داخل ٿئي پر ڪيس داخل نه ٿيو.
عمران خان جي بيانيي ۾ ڪجهه ڏينهن کان وٺي ڪنهن حد تائين فرق ضرور آيو آهي پر اهو فرق به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وجود کان وڇڙي وڃي ٿو. هو جڏهن چار پنج ڏينهن اڳ اسلام آباد وڃي رهيو هو ته هن واضح لفظن ۾ چيو هو ته جيڪڏهن هن جي مٿان حملو ٿيو ته ان جو ذميوار گهرو وزير هوندو. پر عمران خان جي سلسلي ۾ اها ڳالهه به نوٽ ڪئي وئي آهي ته هن جو پنهنجي اظهار تي تمام گهٽ ڪنٽرول آهي.
عمران خان صبر جي سلسلي ۾ هڪ ناڪام سياستدان آهي. هن کي صرف هڪ شيءَ تي عبور حاصل ناهي ۽ اها شيءَ آهي، صبر! جڏهن ته سياست ۾ اها تمام گهڻي اهم شيءَ هوندي آهي. اوهان صبر کان سواءِ سياست ۾ سوڀ جو سپنو به ڏسي نه ٿا سگهو. عمران خان پنهنجي ان عيب سبب نه صرف اسٽيبلشمينٽ جي ويجهڙائي وڃائي ويٺو آهي پر هاڻي ته ملڪي اسٽيبلشمنٽ واضح لفظن ۾ هن تي نه صرف تنقيد ڪري رهي آهي پر اهو به چئي رهي آهي ته هوءَ عمران خان جي خلاف قانوني قدم کڻندي. اسٽيبلشمنيٽ جي ان واضح اعلان کان پوءِ عمران خان جي پوزيشن ۾ ڪهڙو فرق ايندو؟ اهو هڪ تمام اهم سوال آهي. حڪومت جو ته اهو خواب هو.
هن وقت عمران خان کي عوام ۽ عدليا مان سپورٽ جي اميد آهي. پر اها سپورٽ هن جو ڪيترو ساٿ ڏئي سگهندي؟ اهو سوال بيحد اهم آهي. عمران خان جي گرفتاريءَ سبب هن حڪومت لاءِ جيڪي احتجاجي ڏچا پيدا ٿيندا، ان جو سياسي نقصان جيترو سوچيو ويو آهي، ان کان شايد وڌي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button