رانديون

سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي مخالفت، بائيڪاٽ جو امڪان

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جي صدارت هيٺ ڀارت ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ ۽ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ گرين شرٽس جي شرڪت بابت اهم اجلاس ٿيو. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن اڱاري ڏينهن دبئي ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ ايشيا ڪپ گڏيل عرب امارات بدران سريلنڪا منتقل ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو.

پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اي سي سي کي پاڪستان جي تجويز کي قبول ڪرڻ گهرجي ايشيا ڪپ لاءِ نظرثاني ٿيل هائبرڊ ماڊل ۽ جيڪڏهن ميمبرن جي اڪثريت ان جي ميزباني ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرڻ چاهي ته اها 2018 ۽ 2022 وانگر گڏيل عرب امارات ۾ منعقد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button