رانديون

رونالڊو جي گرل فرينڊ نامناسب لباس ۾ تصويرون پوسٽ ڪري سعودي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ڇڏي

رياض: پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي گرل فرينڊ جارجينا روڊريگيز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي نامناسب لباس ۾ تصويرون پوسٽ ڪري سعودي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي فٽبال ڪلب النصر سان معاهدو ڪرڻ کانپوءِ راڄڌاني رياض ۾ رهائش پذير آهي، جڏهن ته سندس گرل فرينڊ ۽ ٻار به ماحول سان مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر سعودي عرب جا قانون ان کان وڌيڪ سخت آهن. اسٽار فٽبالر جي گرل فرينڊ جارجينا روڊريگيز پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي سوئمنگ پول ۾ نامناسب لباس ۾ پنهنجون تصويرون پوسٽ ڪيون آهن، سعودي سوشل ميڊيا قانون تحت نامناسب لباس واريون تصويرون پوسٽ ڪرڻ تي پابندي آهي جڏهن ته جسم کي بي نقاب ڪندڙ لباس پائڻ جي به اجازت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button