رانديون

قومي ڪرڪيٽرن پاران پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو فيصلو

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽرن پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ اها روايت رهي آهي ته ڪيترن ئي سئو صفحن تي مشتمل سينٽرل ڪانٽريڪٽ رانديگر کي ڏنو ويندو هو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ سائن ٿيڻ کان پوءِ واپس ورتو ويندو هو، وڪيلن سان صلاح ڪرڻ لاءِ ڪاپي به نه ملندي هئي، رانديگر ايندو هو ۽ سائن ڪندو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف ليگز سبب پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي ٻين ملڪن جي رانديگرن سان دوستي ٿي وئي آهي ۽ هو پاڻ ۾ ڪانٽريڪٽ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جنهن تي هنن پنهنجي حقن لاءِ ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پرڏيهي بورڊ آءِ سي سي ايونٽس مان حاصل ٿيندڙ رقم جو مخصوص حصو پنهنجن رانديگرن کي ڏيندا آهن، جيڪو پاڪستان ۾ ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه سال اڳ جڏهن ڪرڪيٽر آصف علي جي ڌيءَ بيمار ٿي پئي ته کيس آمريڪا ۾ علاج لاءِ 40 هزار ڊالرن جي ضرورت هئي، هن پي سي بي سان رابطو ڪيو ۽ ڪافي دير سان ڪجهه پئسا مليا، هو رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي. ان ڪري ٻين رانديگرن به پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪيو ۽ انهن مستقبل بابت سوچڻ شروع ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button