ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي ٻيلن تي قبضا

سنڌ ۾ ٻيلا نالي ماتر وڃي بچيا آهن، جيڪي ٻيلا بچيا آهن، انهن تي به بااثر ماڻهن جي نظر آهي ته جيئن اها زمين حاصل ڪري ان کي ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي. نتيجي ۾ نه رڳو ٻيلي جون زمينون سرڪار کان کسجي رهيون آهن پر ٻيلن جي واڍي سبب ماحوليات پڻ تباهه ٿي رهي آهي. اهڙي ريت هيستائين سنڌ ۾ ٻيلن جي زمين سان جيڪو حشر ڪيو ويو آهي، اهو سڀني جي سامهون آهي. تنهنڪري معاملو رڳو ٻيلي جي واڍي تائين محدود ڪونهي پر انهن زمينن تي قبضا ڪرڻ ليز جي آڙ ۾ وڻ وڍي وڪرو ڪرڻ جهڙا معاملا به سامهون اچي رهيا آهن. دنيا ۾ ٻيلن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ٻيلا پوکڻ تي زور ڏنو ويندو آهي ته جيئن جهنگلي جيوت پيدا ٿي سگهي ۽ هڪ فطري ماحول پڻ اسري سگهي پر اسان وٽ بچيل ٻيلن کي جهڙي ريت وڍي تباهه ڪري ختم ڪيو پيو وڃي، ان مان ائين ٿو محسوس ٿئي ته ٻيلو کاتو ئي وڻن جو سڀ کان وڏو دشمن آهي ۽ اهو ٻيلن جي واڌ ويجهه بابت سنجيدگي ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪونهي. تنهنڪري گذريل ڪيترن سالن کان اسين ڏسي رهيا آهيون ته ان معاملي تي عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن ۽ شنوايون پڻ ٿي رهيون آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ذوالفقار خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ فاريسٽ ڪورٽ جي زمينن تي قبضن خلاف ڪيس جي شنوائي ڪئي. ڪنزرويٽر محمد سليم وساڻ، ڊي ايف او سکر هوش محمد شر، ڪنزرويٽر لاڙڪاڻو ظفر وساڻ، ڊي ايف او خيرپور ضياءُ الدين لغاري ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا. جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏنا ته ٻيلي جي زمين ڪنهن خانگي ماڻهوءَ کي نه ڏني ويندي، ليز جي آڙ ۾ سمورا وڻ ڪٽيا ويا آهن. ڄامشورو ڀرسان ٻيلي کاتي پاران ليز تي ڏنل زمين کي ڪمرشل مقصدن لاءِ وڪرو ڪيو پيو وڃي، پاليسي ٺاهيندڙن جي فرنٽ مين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن اها پاليسي ٺاهي هئي، هزارين ايڪڙ ڪچي آباديءَ جي زمين ڪنهن جي قبضي ۾ آهي، انهن جا نالا ٻڌايا وڃن. ٻيلي کاتي جي آفيسرن عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت 2023ع ۾ نئين پاليسي ٺاهي آهي ته ٻيلي کاتي جي زمين ٻيلي کانسواءِ ڪنهن به مقصد لاءِ نه ڏني ويندي، جنهن کان پو عدالت حڪومت کي ٻيلي کاتي جي زمين بابت نئين پاليسي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اسين سمجهون ٿا ته ٻيلن جي زمين ڪنهن به هڪ فرد يا گروهه جي ڪونهي پر اها اتي آباد جهنگلي جيوت جي آهي، جنهن جو تحفظ ڪرڻ سنڌ حڪومت ۽ ٻيلي کاتي جو فرض آهي. جيڪڏهن ڪي ماڻهو اها زمين ڦٻائڻ ۾ ملوث آهن ۽ ٻيلي کي تباهه ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن ته انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ فرض بڻجي ٿو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيترو ٿي سگهي ٻيلن جي زمين کي بچايو وڃي، اتي نوان وڻ پوکيا وڃن ۽ ٻيلا پوکڻ لاءِ ماحول بهتر ڪيو وڃي ته جيئن ماحوليات تي سٺا اثر پون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button