نجم سيٺي جهڙن “صحافين” جي اها پوزيشن رهي آهي ته “ذريعن” طرفان ملندڙ ڄاڻ کان سواءِ سٺو يا درست تجزيو ٿي نٿو سگهي، هاڻي اهڙي دعويٰ ڪيترو درست آهي، يا ڪنهن به سياسي تجزئي ۽ مستقبل ۾ ان جي درست ثابت ٿيڻ لاءِ جيڪڏهن واقعي به ڪنهن “ذريعي” جو هجڻ لازمي آهي ته پوءِ ان کي ٻيو ڪهڙو به نالو ڏيو پر گهٽ ۾ گهٽ ان کي سياسي تجزيو نه چوڻ گهرجي. اهڙي “صحافت” کان بس ڀلي آهي. سو، اسان وٽ نجم سيٺيءَ جهڙي ڪا “جهرڪي” ته ڪانهي جيڪا اڏامي اسان لاءِ ڪا خاص ڄاڻ کڻي اچي ۽ ان جي بنياد تي اسان ويهي “سياسي تجزيو” ڪيون، پر هن وقت پاڪستان ۾ جيڪو سياسي گهوٽالو اڀري آيو آهي، يا پي ٽي آءِ لقاءُ جي صورت ۾ جنهن سياست جنم ورتو آهي، اها ڪنهن به “ذريعي” جي ڄاڻ کان سوا به تجزئي لا گهڻو ڪجهه فراهم ڪري ٿي.
پاڪستان جي سياست ۽ معيشت ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو رهيو آهي، ان جون ڏورون سڌي اڻسڌيءَ طرح پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ ئي رهيون آهن، هتي اسان جنهن سياست جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون اها حڪمران طبقي جي سياست آهي، نڪي مظلوم طبقن ۽ محڪوم قومن جي سياست. حڪمران طبقي جي هر سياسي سرگرميءَ پويان موجود اسٽيبلشمينٽي محرڪ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ايئن، موجوده سياسي ڌماچوڪڙيءَ پويان به اسٽيبلشمينٽ ئي بيٺل آهي.
پي ٽي آءِ لقاءُ گذريل 8 سالن کان پاڪستان جي مجموعي حڪمران طبقي جي سياست کي متاثر ڪري رهيو آهي. ان بابت گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، اڃا به لکجي پيو، هڪڙن جو اهو رايو آهي ته هيءُ اسٽيبلشمينٽ جي اندروني ڇڪتاڻ جو اظهار آهي، يعني اسٽيبلشمينٽ جي گروهي ڇڪتاڻ پي ٽي آءِ سياسي ماڊل جي شڪل ۾ هڪ ڌڙي جي مفادن جي نمائندگي ڪري رهي آهي. ٿوري گهڻي فرق سان ملڪ جا ناميارا مبصر ان راءِ سان اتفاق ڪن ٿا. ڪجهه عرصي کان پي ٽي آءِ جي سياست جيڪي نوان رنگ اختيار ڪري رهي آهي، ان بهرحال، ان پوزيشن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ مواد ضرور فراهم ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن کان هن ملڪ ۾ جيڪي منظر ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن ان مان اهو ئي ثابت ٿي رهيو آهي ته عمران خان جي مرندڙ سياست کي ٻيهر جيئارڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. بنيادي طور، پي ٽي آ سياسي ماڊل جي شڪل ۾ هڪ اهڙِي متبادل سياسي قوت جي تشڪيل ڪرڻ آهي جيڪو روايتي حڪمران سياسي پارٽين جهڙوڪ نواز ليگ ۽ پ پ جي سنڍ پڻي سبب پيدا ٿيندڙ خلا سبب ڪنهن امڪاني انارڪي يا اڀرندڙ ڪنهن به حقيقي ريڊيڪل ۽ عوام دوست سياسي متبادل جي رستا روڪ ڪري سگهي.
پي ڊي ايم سرڪار قائم ٿيڻ کان اڳ عمراني سرڪار خلاف عوام منجهه جيڪا نفرت ۽ ڪروڌ واري ڪيفيت هئي، اها پي ڊي ايم سرڪار قائم ٿيڻ کان پوءِ نه رڳو گهٽ ٿي آهي، پر اٽلندو سڄو معاملو پي ڊي ايم سرڪار جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. عمراني سرڪار تاريخ جو جيڪو گند ڪري وئي، اسٽيلشمينٽ وڏي هوشياريءَ سان اهو سڄو گند پي ڊي ايم سرڪار جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ ۾ هن مهل تائين سوڀاري ٿي رهي آهي. گذريل سال کن جي عرصي ۾ عمران خان هڪ “نئين” سياسي قوت سان پاڪستان جي سياسي افق تي “ڇائنجي” رهيو آهي، ان جو سبب اهو ڪونهي ته عمراني ٽولو ڪا انقلابي ايجنڊا کڻي اچي رهيو آهي، پر ان جو ڪارڻ عمران حامي بيانيي جي نئين سر تشڪيل ڪرڻ آهي، جنهن ۾ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جو فيصلائتو ڪردار آهي.
عمران خان جي مرندڙ سياست کي ٻيهر جيئارڻ ۾ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جا سمورا حصا شامل آهن. اسٽِبلشمينٽ جا اهي ڌڙا به، جيڪي بظاهر سندس “مذمت” ڪري رهيا آهن ۽ اسٽيبلشمينٽ جا اهي ڌڙا به، جيڪي آئين ۽ قانون جو لبادو ويڙهي ويٺل آهن، اهي سڀ هن مهل عمران خان جي سياست کي بچائڻ لاءِ هڪ پيج تي آهن. اهو ئي سبب آهي جو ايڏو ڪجهه ٿيڻ باوجود به عمران خان خلاف ڪا به فيصلائتي ڪارروائي ٿيندي نظر نه پئي اچي. جڏهن “حساس” ٺڪاڻن تي “پرتشدد” حملا ٿي وڃن ته پاءُ اٽو کائيندڙ هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته ان سڄي راند پويان اصل قوتون ڪهڙيون آهن؟ ۽ ڇا سندن مرضيءَ کان سواءِ اهو سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو؟
هڪ نئين انداز ۾ عمراني سياست کي جيئاري مصنوعي طور هڪ “متبادل” سياسي ماڊل پيدا ڪيو پيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو عمران کي هڪ “اسٽيبلشمينٽ مخالف” “ريڊيڪل” ۽ “مزاحمت ڪار” طور پيش ڪيو پيو وڃي.