رانديون

پاڪستان شاهين هٿان ٻي ٽيسٽ ۾ بھ زمبابوي اي کي شڪست

پاڪستان شاهين جي ٽيم ٻي غير سرڪاري چئن ڏينهن واري ٽيسٽ ميچ ۾ بھ زمبابوي اي کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق زمبابوي اي جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 163 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ پاڪستان شاهين پهرين اننگز ۾ ئي 497 رنسن ٺاهي جبل جيڏو هدف ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ حسيب الله جي سينچري پڻ شامل آهي. اهڙي ريت زمبابوي اي ٻي اننگز ۾ رڳو 272 رنسون ٺاهي سگهي ۽ شڪست کائي وئي آهي. پاڪستان جي بالرن مان محمد علي ٻنهي اننگز ۾ 7 شڪار ڪري ڪامياب رهيو، عامر جمال 5، مهراڻ ممتاز 4 ۽ شاهنواز ڏاهاڻي 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button