ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا عمران خان اهوئي پئي چاهيو؟

عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي يا پيدا ڪرائي وئي اها هن ملڪ جي تاريخ جي هڪ اهڙي شرمناڪي مان گذري آهي جنهن تي ڪو به سياسي فرد يا سياسي سوچ رکندڙ ماڻهو تنقيد ڪرڻ کان ۽ ان کان اختلاف ڪرڻ کان سواءِ پاڻ کي روڪي نٿو سگھي بيشڪ هن ملڪ جي تاريخ ۾ تمام گھڻا واقعا ۽ سانحا ٿي گذريا آهن ۽ هي دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي جتي سياسي اڳواڻ پارٽين جا ليڊر عوام دوست دانشور شاعر ۽ صحافي نه رڳو گرفتار ٿيا آهن پر هو اذيتناڪ صورتحال کان گذرندي بدترين کان بدترين ٽارچر سيلن مان به گذريا آهن پر جن کي ٽارچر سيلن ۾ ناهي وڌو ويو انهن کي اهڙا ٽارچر ڏنا ويا آهن جو انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪي وڃي.
پاڻ هن مختصر مضمون ۾ گھڻي ڊگھي تاريخ نٿا دهرايون پر صرف هي دهرايون ٿا ته ڪهڙي سياسي پارٽي هن ملڪ ۾ آهي جنهن جا اڳواڻ گرفتار نه ٿيا هجن پر ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته ليڊر جي گرفتاري کان پوءِ سندس پارٽي ڪارڪن ايترو انتشار ۾ اچي وڃن جو هر عام ۽ خاص جو نقصان ڪرڻ، ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ، رياست جي ادارن خاص ڪري ان اداري کي نشانو بنائڻ جنهن کي عمران خان پنهنجي سگھه جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي.
ماضي جي ان الحاق جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جو اتحاد چئجي ٿو کيس اقتدار ڏيارايو بعد جي اختلافن کان پوءِ هن جي پوري ڪوشش اهائي رهي آهي ته اسٽيبلشمينٽ هن جي سياسي گرفت ۾ ائين ڪم ڪري جيئن هٽلر جي ڪنٽرول ۾ هئي.
عمران خان اها ڪوشش ڪئي آهي ته هو پنهنجي سياست کي اهڙي طاقت ۾ تبديل ڪري جنهن طاقت جي وسيلي هو اقتدار کي برقرار به رکي ۽ مخالفن کي ڪچلي به، هن جي پهريان ڪوشش اسٽيبلشمينٽ کي استعمال ڪرڻ جي هئي انهيءَ ۾ کيس اها ڪامياب نه ملي ته پوءِ هن جي ٻئي حڪمتِ عملي پنهنجي پوئلڳن مان هڪ اهڙو ٽولو چونڊن ۽ تيار ڪرڻ رهيو آهي جيڪو هڪ فورس جو ڪم ڪري اهو عمل ماضي ۾ هن ملڪ جي تاريخ جي اندر الطاف حسين ڪيو جنهن ايم ڪيو ايم جي اندر هڪ دهشتگرد گروھه تيار ڪيو، جنهن ڀتاخوري سان گڏوگڏ مخالفن کي دٻائڻ ۽ ڪچلڻ به شروع ڪيو ۽ ڏسندي ۽ ڏسندي پوري ايم ڪيو ايم دهشت جي علامت بڻجي وئي ۽ ان مزاحمتي تڪبر انهن کي رياست جي طاقتور اداري سان ٽڪرا ۾ آندو.
عمران خان جي تنظيم ۾ ڀتاخوري جي هن وقت تائين معلومات وڏي پيماني ته نه ملي سگھي پر چيو ٿو وڃي ته ڪي پي جي اندر ڪيترائي ننڍا ننڍا گروھه جيڪي طالبان ۽ ٻين گروپن سان تعلق رکندا هئا انهن جي وڏي پيماني تي همدردي عمران خان سان جڙجي چڪي آهي ۽ هڪ ڊگھي عرصي تائين عمران خان ڪي پي جي معرفت انهن کي سهولت به ڏني آهي مذهب جي نعري ۽ بالادستي جي نعرن جي پويان سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيتريون به هٿياربند تنظيمون جڙيون آهن، انهن مان گھڻن جو لاڙو خاص فيضيابي جي سبب عمران خان سان جڙيو آهي ۽ عمران خان هاڻي پنهنجي گرفتاري کان پوءِ ان طاقت جو پهريون ۽ هلڪو مظاهرو ڪري رياست ۽ مخالف ڌر کي اهو پيغام ڏنو آهي ته هن وٽ ڪيتري طاقت آهي ۽ هو ڇا ڪري سگھي ٿو هي بلڪل عيان ٿي اسان جي اڳيان آيو آهي ته هي سڀ ڪجھه پري پلان ۽ حڪمتِ عملي جي تحت هيو گرفتاري ته بهانو هئي ڇو ته هن کي اها خبر هئي ته گرفتاري ٿيندي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جڏهن هن جي گرفتاري کي غير قانوني چوندي کيس چيو ته هو واقعن جي مذمت ڪري ته عمران خان جو جواب مذمت وارو نه پر لاتعلقي وارو به نه هيو. رڳو ايترو چيائين ته مون کي ڪا خبر ناهي اهڙن واقعن کي مان پسند ناهيان ڪندو.
هن وقت تائين جيڪي ريڪارڊ ۾ اچي چڪو آهي ته اهو سڀ ڪجهھ انسٽرڪشن سان ٿي رهيو هو ۽ مستقبل ۾ اهو خدشو وڌيڪ امڪان ۾ آڻي سگھجي ٿو ته هن کان وڌيڪ واقعا ٿي سگھن ٿا ۽ ٿيندا به ڇو ته جيڪي هٿيار بند پي ٽي آءِ جي سياسي چادر استعمال پيا ڪن اهي چپ ڪري نه ويهندا ۽ بدترين حالتن کي پيدا ڪندا ۽ عمران خان کي جنهن سياسي طاقت کي آرگنائيز ڪرڻ جو شوق هيو اهو پورو ته ٿي چڪو آهي پر ان جا نتيجا ايم ڪيو ايم کان مختلف نه هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button