رانديون

ايشيا ڪپ جو اعلان ٽنگيل، اعتراضن تي سڀاڻي جواب ملندو: سيٺي

ايشيا ڪپ ٿيڻ ۾ انتهائي گهٽ عرصو رهجي وڃڻ باوجود ڀارت پاڪستان نھ واري ضد سبب ان جي حتمي تاريخ جو اعلان وچ ٽي ٽنگجي ويو آهي، پي سي بي سربراهه نجم سيٺي جو چوڻ آهي تھ اي سي سي اسان جي اعتراضن ۽ ڳالهين جو جواب سڀاڻي ڏئي ڇڏيندو. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو تھ اسان کي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ۾ جيڪو موقف رکڻو هو، اسان اهو رکي ڇڏيو آهي، تنهنڪري جئي شاهه کان ئي پڇيو وڃي تھ حتمي اعلان ڇو نٿو ڪري. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو تھ جئي شاهه سان سٺا تعلقات آهن، مون کي ڄاڻ ملي آهي تھ هو آئي سي سي جو صدر ٿيڻ چاهي ٿو. هن چيو تھ پي سي بي نھ پر ضد ڀارتي بورڊ ڪري رهيو آهي، اسان چئي رهيا آهيون تھ پاڪستان ۽ ڀارت هڪٻئي وٽ اچي کيڏن، هائبرڊ ماڊل بھ ڏنو آهي. نجم سيٺي جو چوڻ هو تھ پاڪستان جي سيڪيورٽي ٺيڪ ٿي وئي آهي، ڀارت جون ٻيون ٽيمون بھ هتي اچي کيڏي چڪيون آهن، ٻيا ملڪ بھ اچن پيا، ڇا اهي بيوقوف آهن. هن چيو تھ ڀارت جتي چوندو اتي کيڏنداسين، احمد آباد مسئلو ناهي، تاريخ جو اعلان ڪيو تھ هي جهيڙو ئي ختم ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button