ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ترڪي چونڊون: سيڪيولر ۽ مذهبي ڌريون آمهون سامهون

Editorial-Article-Sadaf Shaikh

جيئن ئي معاهدو لوازن ختم ٿيو آهي ته سڄي دنيا جون نظرون ترڪيءَ تي ڄميل آهن ته هاڻ ڇا ٿيندو؟ ڇا اڃا تائين سيڪيولرزم وارو نظام هلندو يا خلافت عثمانيه جي شروعات وري ٿيندي؟ جيئن ئي مئي جو مهينو شروع ٿيو آهي، هر پاسي گوڙ ۽ وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي ته هاڻ ٿيندو ڇا؟ اردوگان فقط ترڪيءَ ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، هن کي سياسي ليڊر سان گڏ هڪ اسلامي اڳواڻ به چون ٿا. گذريل 20 سالن کان اردوگان صدر آهي جيڪو (AK) پارٽيءَ جو ليڊر آهي، هن جو مخالف (CHP) جنهن جي شڪل اڄڪلهه جي نوجوانن ڏٺي به ناهي پر هو آزاد خيال، سيڪيولرزم جو عاشق ۽ هڪ پروقار شخصيت پڻ آهي. هينئر ترڪش ليرا (ڪرنسي) جو قدر ڪري پيو آهي ۽ مهانگائي عروج تي آهي. اِن کانسواءِ شام، ايران، افغانستان جي ماڻهن لاءِ سرحد کولي انهن کي پناهه ڏيڻ اهي سڀ هن جا منفي پاسا آهن. هي پنهنجي حساب سان ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وسان نٿو گهٽائي پر اڄ جو نوجوان نسل آزادي گهري ٿو. جيئن ئي 15 مئي 2023ع تي ترڪيءَ ۾ پارليامينٽ ۽ صدارتي نظام جو ميدان گرم ٿيڻ وارو ھو ۽ گرم رھيیو، هر پاسي وٺ وٺان ھئي ته صدر ڪير ٿيندو؟ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته رجب طيب اردوگان جا 51 سيڪڙو امڪان آهن ۽ مخالف پارٽي قليیچ دار اوگلو جا 49 سيڪڙو امڪان آهن. هي هڪ تمام وڏو معرڪو آهي. هڪ پاسي اسلام پرست ۽ ٻئي پاسي سيڪيولر.
اليڪشن جو اعلان ٿيڻ کان اڳ ئي رجب طيب اردوگان الاھي جلسا پڻ ڪيا آهن، جن ۾ 17 لک ماڻهن شرڪت ڪئي آهي. هو پنهنجي عاجزاڻي طبيعت، نرم گفتار سان ماڻهن کي قائل ڪري ٿو. ڪجهه ترڪ شهرين جو چوڻ آهي ته هي هڪ جادوگر آهي جيڪو پنهنجي جادو ذريعي سڀني کي ديوانو ڪري ٿو، هن تاريخي جلسا پڻ ڪيا، هڪ جلسو تمام گهڻو مشهور به ٿيو آهي، جيڪو هن اتاترڪ ايئرپورٽ تي ڪيو. اِن جلسي باقاعده ماڻهن جون ننڊون حرام ڪيون آهن ۽ سيڪيولر جماعت هن جلسي کانپوءِ پريشان پڻ ٿي آهي، پر سوال هاڻ اهو آهي ته ڇا اسلام پسند کٽيندا يا وري سيڪيولر ڌر. پر هن وقت ڪجهه معاملو تبديل آهي پر ڇا اپوزيشن پارٽي پاڪستاني پرڏيهين يا ٻيا ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو جيڪي هتي پناهگير آهن، انهن لاءِ صحيح ثابت ٿيندي.
6 ڪروڙ 40 لک ووٽر پنجن سالن لاءِ هڪ صدر چونڊيندا، ترڪيءَ جي 81 صوبن ۾ 26 پارٽيون هڪٻئي جي مقابلي ۾ آهن. انِ کانسواءِ 6 ملين نوان ووٽر به شامل ٿيا آهن، جيڪي نوجوان آهن. 3 کان 4 ملين ووٽر ٻاهرين ملڪن کان ووٽ وجهندا. ووٽر پارليامينٽ جي 600 ميمبرن جي چونڊ ڪندا ۽ صدارتي چونڊ ۾ هاڻوڪو صدر رجب طيب اردوگان جو مقابلو مخالف ڌر جي ڪمال قليچ اوگلو سان آهي. ترڪيءَ جي سڀني کان وڏي جماعت جنهن کي ريپبلڪن پارٽي چيو ويندو آهي، جمهوريت خلق به چوندا آهن. هڪ Secular Turkey Chumiriya جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ پاشا پاران ٺاهي وئي آهي ۽ هي جماعت ترڪ قومپرستيءَ جي وفادار ۽ پراسرار پارٽي سمجهي ويندي آهي. اِن کي سياست جي مرڪز ۾ ساڄي هٿ جي اهميت حاصل آهي. ريپبلڪن پارٽي نيشنل الائنس جي نالي سان پاڻ کي قومپرست، قدامت پسند سڏايو آهي ۽ نيشنل الائنس اتحاد جنهن ۾ هاڻ ڪجهه اهڙيون جماعتون به شامل آهن، جن ماضي ۾ رجب اردوگان جي پارٽيءَ سان اتحاد ڪيو هو، جنهنڪري رجب طيب کٽي ويو هو پر هينئر معاملو ڪجهه ابتڙ آهي ۽ اِن نيشنل الائنس اتحاد ۾ ڪجهه مذهبي ڌريون به شامل آهن. اِن پارٽي يا نيشنل الائنس اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان رجب طيب کي خطرو آهي. گذريل 20 سالن کان اِن پارٽي هڪڙو ڀيرو به اليڪشن ناهي کٽي. رجب جي مقابلي ۾ جيڪو صاحب آهي ان جو نالو ڪمال قليچ اوگلو آهي. هن کي CHP به چيو ويندو آهي. هن جي پارٽيءَ جو نالو ريپبلڪ پارٽي آهي. اِها 7 سيپٽمبر 1919ع ۾ وجود ۾ آئي هئي. اِن جو باني ڪمال اتاترڪ پاشا هو. هن پارٽي ۾ 6 سيپٽمبر 2014ع ۾ شموليت اختيار ڪئي. هو 17 ڊسمبر 1948ع ۾ ڄائو. هو هڪ معاشي ماهر ۽ سرڪاري ملازم به رهي چڪو آهي ۽ قومپرست ترڪ هن کي هڪ بهترين سياستدان به سڏين ٿا. اِن کانسواءِ هو 2010ع ۾ پارليامينٽ جو ميمبر به رهي چڪو آهي. هن جي عمر 74 سال آهي. گانڌي ڪمال، ڊيموڪريٽڪ انڪل آف يوٿ ۽ گري وولف ڪمال هن جا پيار جا نالا آهن. پورو ترڪي خاص ڪري نوجوان نسل هن کي اِنهن نالن سان سڏي ٿو. هن جي شخصيت پروقار ۽ رعبدار آهي، هي ترڪيءَ جي موجوده صدر کان بلڪل الڳ آهي. هي هڪ انتهائي تجربيڪار شخص آهي. 2010ع کان پوءِ هي رجب طيب اردوگان کان هر مقابلو هارائي چڪو آهي. پر گذريل 13 سالن ۾ هن پنهنجي پارٽيءَ تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. هن جو مقصد ترڪيءَ کي سيڪيولر ڪرڻ آهي. اِن کانسواءِ اتاترڪ جي فلسفي تي هلائڻ آهي. ان کانسواءِ هڪ ٻيو ليڊر به آهي جيڪو اليڪشن کان اڳ ئي هٿ کڻي ويو آهي، جنهن جو نالو آهي محرم افجاعي آهي.هو پنهنجي نئين هوم لينڊ پارٽيءَ جي خلاف وڙهي رهيو هو پر ٻه ڏينهن اڳ هو هٿ کڻي ويو آهي. ڪرد قوم به هن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
جيڪي سيڪيولر ۽ لبرل آهن ۽ اهي چاهين ٿا ته ترڪيءَ جا جيڪي مذهبي لاڙا آهن، اِنهن کي ختم ڪيو وڃي ۽ صدارتي نظام ختم ڪري پارلياماني نظام ڏانهن آندو وڃي ۽ ٻئي پاسي رجب طيب اردوگان روس کي هميشه پاسو ڏنو آهي ۽ هن کي سدائين آمريڪا مخالف سمجهيو ويندو آهي.
ٻه ڏينهن اڳ قليچ اوگلو هڪ بيان ڏنو هو، جنهن ۾ ڪجهه بي بنياد ڳالهيون ڪيون آهن. هڪ ڳالهه اِها ته هڪ سلڪ روڊ ٺاهيو ويندو جنهن ۾ ايران، شام ۽ ترڪيه شامل هوندا. اِن ۾ دنيا جي اهم رياستن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهنڪري ڪافي ماڻهو ڪاوڙيل آهن. اِن کانسواءِ پرڏيهه جا ماڻهو به اِن ڳالهه تي ناراض آهن. آذربائيجان جي صدر اِن تي باقاعده بيان جاري ڪيو آهي. اسان کان خوفزده قوتون اسان کي اڄ به ڪٽڻ چاهين ٿيون. آذربائيجان سدائين ترڪيءَ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اهو اڳيان به هر ممڪن سهڪار ڪندو ۽ ٻيو اهو بيان به جاري ڪيو ته روس بنا جواز اسان جي ملڪ ۾ دخل اندازي ڪري پيو. روسي پرڏيهي وزير اِن الزام کي ڪوڙو ثابت ڪيو آهي ۽ چيو ته روس ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ دخلا اندازي ناهي ڪندو. اِن ڳالهه تي اردوگان بيان جاري ڪيو آهي ته اوگلو جا ڏنل بيان بيوقوفاڻا آهن، هِن کي سياست جو تجربو بلڪل به ناهي. قليچ دار اوگلو جي ان بيان کي هر ڪوئي هڪ منفرد انداز سان ڏسي ٿو. ڪوئي چوي ٿو ته هن دٻيل لفظن ۾ آمريڪا کان امداد گهري آهي ته اچو اسان جو ساٿ ڏيو ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته روس خلاف بيان هڪ سياست آهي، جڏهن کٽي ويو ته روس سان لاڳاپا مضبوط ڪندو ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته هي پاڻ کي يورپ ۽ آمريڪا جو ساٿي ۽ اردوگان کي روس جو ساٿي چوي ٿو. اِهي سڀ ڳالهيون هن جي ابتڙ آهن. صدارتي اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ ڪو اميدوار واضح برتري ڪونه ماڻي سگهيو آهي، جنهنڪري هاڻ سوڀ جو فيصلو 28 مئي تي ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button