ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آبادگارن جا خدشا

Editorial

برساتن جي مند اچڻ کان اڳ ۾ ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته اڳواٽ تياري ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏئي بچي سگهجي. پر اسان وٽ سرڪار ۽ انتظاميا ان وقت سجاڳ ٿينديون آهن، جڏهن گهڻي تباهي ٿي ويندي آهي. نتيجي ۾ عوام لاءِ پريشانيون وڌنديون آهن ۽ اهو دربدر ٿي ويندو آهي. گذريل سال آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ نه رڳو عوام دربدر ٿيو پر ان جو وڏو معاشي نقصان پڻ ٿيو. خاص طور آبادگار طبقي کي گهڻو نقصان ٿيو آهي، ان نقصان جو پورائو اڃا تائين ڪونه ٿي سگهيو آهي. هن سال به آبادگار جن خدشن کي بيان ڪري رهيا آهن، انهن تي ڪن ڌرڻ جي ضرورت آهي.
هڪ رپورٽ موجب ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي صدر ميران محمد شاهه جي صدارت هيٺ ايوان زراعت سنڌ جي هيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ميرپورخاص، بدين، نوابشاهه، خيرپور ميرس، سکر، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي آبادگارن هڪ ئي وقت وڊيو لنڪ تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر ميران محمد شاهه ڳالهائيندي چيو ته ايوان زراعت کي سنڌ ۾ ايل بي او ڊي سميت ٻين سمورن سم نالن تي ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري سخت ڳڻتي آهي ڇو ته سانوڻيءَ جي مند مٿان اچي چڪي آهي. گذريل سال انهن ايل بي او ڊي ۽ سم نالن جي اٿلڻ ۽ گهارا پوڻ سبب اڌ سنڌ ٻڏي وئي هئي ۽ سنڌ جي زراعت کي مجموعي طور تي 14 سئو ارب رپين جو ناقابل تلافي نقصان پهتو هو. اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته گذريل سال جا لڳل ڪٽ اڃا تائين بند نه ٿي سگهيا آهن، ان ڪري هن سال وري سنڌ جي ٻڏڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اها هنگامي بنيادن تي ايل بي او ڊي ۽ سنڌ جي سمورن سم نالن ايم اين ڊرين، ڪي پي ڊرين، ٽنڊو محمد خان ڊرين، جسڪاڻي سم نالو، سانگهڙ ڊرين ۽ گهوٽڪي سميت ٻين ڊرينن، ايل بي او ڊي ۽ پراڻ تي ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏوگڏ برساتي پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تان قبضا هٽائي لنگهه بحال ڪرايا وڃن ته جيئن هن سال برساتي پاڻي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي نيڪال ٿي سگهي. گذريل سال ايل بي او ڊي ۽ پراڻ جي ڪري هزارين خاندان بي گهر ٿيا ۽ اربين رپين جو نقصان ٿيو، ان ڪري فوري ترقياتي ڪم ڪرائي سنڌ کي هن سال ٻڏڻ کان بچايو وڃي. اجلاس ۾ آبادگارن وفاقي سرڪار طرفان هلندڙ سال ڪپهه جو امدادي اگهه 8 هزار 5 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪيل اگهه کي مڪمل طور تي رد ڪندي وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، ڀاڻ، ٻج، تيل ۽ زرعي مشيري جا اگهه چوٽ چڙهڻ سبب هلندڙ سال ڪپهه جو امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 12 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي آبادگارن جا خدشا ۽ شڪايتون جائز آهي، جن کي ڪنهن به ريت نظرانداز نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ايل بي او ڊي ۽ ٻين سم نالن جي مرمت جو ڪم تيز ڪرايو وڃي. ان کان سواءِ جتي به قدرتي لنگهه بند آهن، انهن کي بحال ڪرائڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ته جيئن وڏي نقصان کان بچي سگهجي ۽ برساتن جي موسم ۾ آبادگارن جو معاشي نقصان نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button