اسلام آبادپاڪستان

فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪاروائي ٿيندي: پاڪ فوج

راولپنڊي: راولپنڊي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ فوجي اثاثن تي حملي ڪندڙن ماڻهن کي پاڪستان آرمي ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي شعبي آ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ موجوده حالتن جي ڏس ۾ خصوصي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن سياسي شرپسندن طرفان ڪيل ڀڃ ڊاهه، فوجي اثاثن تي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. پڌرائي موجب فورم جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻڌايو ويو ته آرمي جي رينڪ ۽ فائل ۾ عسڪري اثاثن کي نقصان ۽ ڀڃ ڊاهه تي شديد ڪاوڙ آهي. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ فوجي اثاثن تي حملي ڪندڙن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائيل ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو ويو، جڏهن ته فورم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ناقابل ترديد ثبوتن جي بنياد تي پاڪ فوج انهن حملن جي منصوبي سازن، ڀڙڪائيندڙن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ سمورن ڏوهارين کان چڱي طرح آگاهه آهي. ڪانفرنس ۾ گذريل ڏينهن دوران امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جنهن کي هڪ سياسي پارٽي جي قيادت صرف پنهنجي سياسي مفادن جي حاصلات لا استعمال ڪيو، ڪانفرنس ان عزم جو به اظهار ڪيو ته ڪنهن به حلقي طرفان امن امان جي قيام ۾ رڪاوٽ وجهڻ وارن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

بريفنگ دوران فورم کي آگاهه ڪيو ويو ته شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي، تاريخي عمارتن کي باهه ڏيڻ ۽ فوجي اثاثن جي ڀڃ ڊاهه تي مشتمل هڪ مربوط منصوبي تي عملدرآمد ڪرايو ويو ته جيئن اداري جي بدنامي ٿي سگهي، هي سمورو عمل هڪ ذاتي سياسي ايجنڊا تحت ڪيو ويو. پڌرائي موجب آرمي چيف سمورن معاملن تي فوجي فارميشنز طرفان مضبوط ردعمل کي ساراهيو. فورم واضح ڪيو ته ڪنهن به ايجنڊا تحت فوجي اثاثن ۽ هنڌن تي حملو ڪندڙن کي ڪابه رعايت نه ڏني ويندي. شرڪت ڪندڙن پرڏيهي طور اسپانسر ٿيل ۽ اندروني سهولت يافته عنصرن جي منظم پروپيگنڊا تي به شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته شرمناڪ پروپگينڊا جو مقصد هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ ڏار وجهڻ ۽ هٿياربند فوج جي رينڪ ۽ فائل اندر ڏار وجهڻ آهي. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته دشمن قوتن جي شيطاني پروپيگنڊا کي عوام جي حمايت سان شڪست ڏني ويندي.

ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ان عزم جو به اظهار ڪيو ته فوج پاڪستان عوام جي ڀرپور حمايت سان پاڪستان جي دشمن جي اهڙن سمورن منصوبن کي ناڪام بنائيندي. فورم ۾ موجوده غير مستحڪم سياسي صورتحال ۾ قومي سطح تي تمام اسٽيڪ هولڊرز جي اتفاق را جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عوام جي اعتماد، معاشي ترقي ۽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪيو وڃي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي شهيدن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو، جن دهشتگردي کي پاڙ مان ختم ڪرڻ لا وطن جو دفاع ڪندي هن قوم لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. ان کان اڳ ڪانفرنس ۾ بلوچستان جي علائقي مسلم باغ ۾ دهشتگردن جي حملي جو ڀرپور جواب ڏيڻ ۽ شهيد ٿيندڙ جوانن جي عظيم قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button