اسلام آبادپاڪستان

حڪومت پيٽرول جي قيمت 12 ۽ ڊيزل 30 رپيا گهٽ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير موجب ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 270 رپيا في ليٽر ٿي ويندي. هن چيو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي،

جنهن کانپوءِ نئين قيمت 164 رپيا 7 پيسا في ليٽر ٿي ويندي. لائيٽ ڊيزل آئل جي اگهه ۾ 12 رپيا 68 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ اگهه 152 رپيا 68 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار چيو ته اميد آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان ٻين شين ۾ به قيمتون گهٽ ٿينديون، ان ڪري ٽرانسپورٽرن کي به گذارش آهي ته هاڻ ڀاڙا گهٽ ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button