پاڪستانسنڌ

قادرپور ڀرسان ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، اهلڪار شهيد، 2 زخمي

گهوٽڪي: قادرپور شهر لڳ آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس چوڪي تي ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙيلن جو حملو، هڪ اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي. خبر موجب گهوٽڪي جي قادرپور واري علائقي ڀرسان ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد صادق لکڻ پوليس چوڪي تي ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙيلن جديد هٿيارن سان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري پوليس اهلڪار خالد حسين ميمڻ ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويو. جڏهن ته ٻه پوليس اهلڪار قيصر ڪلهوڙو ۽ سڪندر علي لٻاڻو سخت زخمي ٿي پيا. واقعي بعد ڌاڙيل فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. پوليس اهلڪار جي شهادت جي اطلاع تي مختلف ٿاڻن جي پوليس ۽ مقامي ماڻهن واقعي واري هنڌ پهچي شهيد پوليس اهلڪار ۽ زخمي اهلڪارن کي کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد شهيد پوليس اهلڪار جو مڙهه پوليس حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪار جي مڙهه کي پوليس لائين منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تُنيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد حميد سميت رينجرز جي عملدارن، موٽروي پوليس جي عملدارن سميت سياسي سماجي ڌرين وڏي انگ ۾ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. نماز جنازا ادا ڪرڻ بعد شهيد اهلڪار کي سلامي ڏئي اباڻي علائقي قادرپور ڏانهن نيو ويو. هوڏانهن شهيد اهلڪار جو مڙهه گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اهلڪارن تي حملو بزدلاڻي ڪارروائي آھي، جوانن جو رت رائيگان نه ويندو، ڪنهن به صورت ۾ ڌاڙيلن کي نه ڇڏينداسون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button