رانديون

هائبرڊ ماڊل تي اڳڀرائي، ايشيا ڪپ جو فيصلو هلندڙ هفتي ٿيندو

پي سي بي پاران ايشيا ڪپ جي حوالي سان پيش ڪيل هائبرڊ ماڊل تي اهم اڳڀرائي ٿيڻ ها اطلاع مليا آهن، جنهن بعد امڪان آهي تھ هلندڙ هفتي ئي تاريخ ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويندو. ميڊيا مطابق ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ورچوئل اجلاس جلد سڏائي هائبرڊ ماڊل کي تسليم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ هائبرڊ ماڊل تي عمل نظر اچي پيو، حتمي فيصلي بعد پاڪستان سان گڏ ٻئي ملڪ جو فيصلو ٿيندو. هوڏانهن پرڏيهي ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي هڪ دفعو ٻيهر چٽن لفظن ۾ چيو آهي تھ پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڀارت مسئلو پيدا ڪيو، ڀارت جيڪڏهن الزام لڳائي رهيو آهي تھ اسان جي حڪومت بھ دهشتگردي جا الزام هڻي سگي ٿي، تنهنڪري حڪومتون ڪرڪيٽ ۾ سياست نھ ڪن. هن چيو تھ 2009ع ۾ سريلنڪا جي ٽيم تي حملي بعد هاڻ سيڪيورٽي بهتر ٿي آهي، پاڪستان ۾ وڏيون وڏيون ٽيمون اچي کيڏيون آهن، فساد تھ دهلي ۾ بھ ٿيا هئا تھ ڇا ڪرڪيٽ نھ کيڏي وئي، هتي بھ عمران خان جي جلوسن دوران صورتحال متاثر ٿي پر نيوزيلينڊ خلاف ميچ جاري رهي آهي. هن چيو تھ ايشيا ڪپ جي ميزباني جو حق وڃايو تھ ورلڊ ڪپ جو بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ تھ ڀارت ۾ بھ سيڪيورٽي خدشا تھ موجود آهن، تنهنڪري ڀارت اهڙي صورتحال پيدا نھ ڪري جو چيمپيئنز ٽرافي تي بائيڪاٽ جي صورت ۾ اثر پون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ اسين ورلڊ ڪپ بابراعظم جي ڪپتاني ۾ ئي کيڏڻ وڃي رهيا آهيون، تنهنڪري هو آرام ڪري ۽ پرفارمنس تي ڌيان ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button