حڪومت هن مان ناخوش آهي. عمران خان هن مان تمام گهڻو خوش آهي. مولانا فضل الرحمان هن آڏو ڌرڻو هنيو آهي. اسٽيبلشمينٽ اڃان تائين هن جي حوالي سان پنهنجو چٽو موقف پڌرو نه ڪيو آهي. پر حقيقت اها آهي ته سمورا معاملا عدليا ۽ خاص طور تي سپريم ڪورٽ جي آس پاس هلي رهيا آهن. اها سپريم ڪورٽ جنهن ۾ 14 مئي گذرڻ کان پوءِ پنجاب ۾ اليڪشن جو ڪيس هلي رهيو آهي.
ان سچائيءَ کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته اسٽيبلشمينٽ تمام وڏي قوت آهي. اصولي طور تي پارليامينٽ ملڪ جو سپريم ادارو آهي. پر عملي طور تي جيڪا قوت ۽ جيڪو اختيار عدليا وٽ آهي، اهو ٻي ڪنهن اداري وٽ ڪونهي. ڇو ته سپريم ڪورٽ جي اختيارن جي تلوار ٻه ڌاري آهي. هڪ ته سپريم ڪورٽ کي ئي اهو حق حاصل آهي ته هوءَ آئين جي آخري تشريح ڪري سگهي ٿي. اهو حق صرف ۽ صرف سپريم ڪورٽ جو آهي ته هوءَ ٻڌائي ته ڪهڙي ڳالهه ۽ ڪهڙو عمل آئين سان مطابقت رکي ٿو يا نه؟ ٻيون ته سپريم ڪورٽ ئي اها قوت آهي، جنهن کي آخري فيصلي جو اختيار آهي. اهو فيصلو جيڪو ٻنهي ڌرين لاءِ خوشيءَ جو باعث هجي يا هڪ ڌر لاءِ! يا ڀلي هر ڌر ان فيصلي مان خوش نه هجي پر پوءِ به ان کي اهو فيصلو روئيندي يا کلندي قبول ڪرڻو پوندو. بلڪل ائين جيئن گذريل ڏينهن عمران خان پوليس لائين ۾ ترسڻ جو فيصلو لکندي قبول ڪيو ۽ حڪومت کي روئيندي به عمران خان مان هٿ ڪڍڻا پيا.
شهباز شريف ته وزير اعظم آهي. اها سپريم ڪورٽ ئي آهي، جنهن نه صرف ملڪ جا وزير اعظم گهر ڀيڙا ڪيا پر ان عوام جي محبوب وزيراعظم کي ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙهي ڇڏيو. اهو سچ آهي ته هن مهل تائين ڪارن ڪوٽن وارن ڪڏهن ملڪ تي سڌي سنئين حڪمراني نه ڪئي آهي پر جيڪي مخلوق جي ووٽ سان يا بندوق جي زور سان اقتدار ۾ ايندا آهن، انهن کي به عدليا کان اجازت ۽ آشيرواد وٺڻو پوندو آهي.
عدليا کي پنهنجي طاقت جو پورو پتو آهي. اهوئي سبب آهي ته جڏهن پاڪستان جي تمام گهڻي طاقتور سمجهيو ويندڙ صدر پنهنجي دور تي چيف جسٽس کي حڪم ڏنو هو ته هن سندس حڪم کي ٿڏي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ جيڪا وڪيلن جي تحريڪ هلي هئي، اها ايتري ته شديد هئي جو ان تحريڪ کان پوءِ ان دور جي صدر آصف زرداريءَ کي چيف جسٽس جي بحالي ڪرڻي پئي هئي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته مرحوم پرويز مشرف عدليا سان الجهڻ کي پنهنجي سڀ کان وڏي غلطي تسليم ڪندو هو. اها ساڳي غلطي هن مهل هيءَ حڪومت ڪري رهي آهي. هيءَ حڪومت جنهن فيصلو ڪيو آهي ته چيف جسٽس جي خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ قرارداد پاس ڪئي وڃي. هيءَ حڪومت جنهن چيف جسٽس جي اڪثر حڪمن کي نه مڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. پر هن حڪومت کي به اهو احساس آهي ته سپريم ڪورٽ پاڻ صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پنهنجي اصل پير تي اچي ته پوءِ اها حڪومت کي سندس حيثيت جي پروڙ ڏيڻ ايترو وقت نه وڃائيندي، جيترو وقت چونڊون ٿيڻ نه ٿيڻ ۽ ڪڏهن ٿيڻ جي سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ ۾ ويو آهي.
حڪومت کي اهو ڀرپور احساس آهي ته هوءَ تمام ڪمزور پوزيشن ۾ آهي. ڇو ته حڪومت کي جنهن طاقت جو آسرو آهي، اها طاقت حڪومت جو صرف هڪ حد اندر ئي ساٿ ڏئي سگهي ٿي. جڏهن ته عدليا ۽ عوام سان ڦٽائي موجوده حڪمرانن کي پنهنجو مستقبل داءَ تي لڳائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. هن وقت مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هوندي به ماڻهن جو ايترو انگ ڪٺو ڪري نه ٿيون سگهن جو اهي عمران خان جي احتجاج جو پرامن ۽ سياسي ٽوڙ پيش ڪري سگهن. پيپلز پارٽيءَ تازو ڪراچيءَ ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان جيڪو ميڙ ڪٺو ڪيو هو، ان جي سيٽنگ ڪجهه اهڙي ڪئي وئي جو اهو ننڍو نظر نه اچي. جڏهن ته مسلم ليگ ن کان ته ميدان ۾ اچڻ ئي وسري ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ صرف مولانا فضل الرحمان پنهنجا ڪارڪن وٺي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو هڻي ويٺو آهي. جڏهن ته هن جا هڪڙي ئي قسم جا ڪارڪن، عوام جو عڪس پيش ڪري نه ٿا سگهن.
حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جنهن احتجاج ۾ آزاد عوام ۽ خاص طور تي عورتون نه آهن، اهو احتجاج يتيم ۽ ڪمزور نظر ايندو آهي. عمران خان سان اختلاف رکڻ وارا به هن جي ان صلاحيت کان انڪار ڪري نه ٿا سگهن ته هن ملڪ جي عورتن جو نه صرف تمام گهڻو انگ متحرڪ ڪيو آهي پر هو انهن کي احتجاج ۾ به وٺي آيو آهي. جڏهن ته عورتن سان گڏ ٻارن جو وجود ته هميشه اڻٽر هوندو آهي. اهڙي ريت ٻار، ٻڍا، عورتون ۽ نوجوان ملي عوام جو حقيقي روپ ڏيکارين ٿا ۽ انهن سان اٽڪڻ ۾ هر قوت پنهنجو نقصان سمجهي ٿي. جيڪڏهن هن وقت به عمران خان کي ڏيڍ سئو ڪيسن جي هوندي به آزادي ميسر آهي ته ان جو سبب هن جي عوامي سگهه آهي.
عمران خان جي سلسلي ۾ ملڪ جا اڪثر سياسي مبصر ان راءِ جا آهن ته عمران خان پنهنجي عوامي طاقت سبب عدليا تي اثرانداز ٿي رهيو آهي. عام تاثر اهو آهي ته عدليا عمران خان کي رليف ڏئي رهي آهي پر ان جو سبب عوامي طاقت آهي. اها عوامي طاقت عمران خان کي ڪهڙي ريت حاصل ٿي؟ اهو الڳ سوال آهي پر تاريخ ۾ اهو ڪجهه گهٽ ٿيو آهي، جيڪو عمران خان جي حوالي سان ٿي رهيو آهي. پر ان سان گڏ اهو سوال به تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته تمام گهڻي طاقت ۽ ڀرپور مزاحمت جي باوجود عمران خان جو پاڪستاني سياست ۾ ڪهڙو مستقبل آهي؟
عمران خان اڪيچار ڀيرا ورجائي چڪو آهي ته هن جو مقصد صرف ملڪ جي ترقي آهي ۽ هو اقتدار ۾ اچي پنهنجي ڪنهن به ننڍي وڏي مخالف کان ڪنهن به طرح جو انتقام نه وٺندو. ممڪن آهي ته هن جو اهو موقف درست هجي ۽ هونءَ به حڪومت کي امن سان هلائڻ ۾ ئي بهتري سمجهي ويندي آهي. عمران خان پنهنجا سياسي مخالف ميدان تي آڻي مسلسل مقابلا ڪري حڪومت نه ٿو هلائي سگهي ۽ جيڪڏهن هو اهڙي حڪومت هلائيندو به ته ان حڪومت جو حال اهڙو ئي هوندو، جهڙو هن حڪومت جو حال آهي. هيءَ حڪومت جيڪا ان ٽرڪ وانگر هلي رهي آهي، جنهن جي پويان اهو عوامي شعر لکيل هوندو آهي:
“نه انجن ڪي خوبي نه ڪمال ڊرائيور ڪا
چلي جا رهي هي خدا ڪي سهاري”
هيءَ حڪومت هڪ اهڙي ٽرڪ جهڙي آهي، جيڪا ڪٿي به ۽ ڪنهن به موڙ پنهنجو سفر پورو ڪري سگهي ٿي.
هيءَ بي منزل حڪومت، هيءَ سرڪش مخالف ڌر ۽ هيءَ آزمائش ۾ آيل اسٽيبلشمينٽ ان عدليا طرف تڪي رهيون آهن، جنهن جي پاڇي ۾ هن مهل جي يو آءِ جا ڪارڪن اڇل ڪود ڪري رهيا آهن. جنهن جي حوالي سان هن مهل پوري طرح ڪنهن کي به پڪ ناهي ته ايندڙ وقت ۾ هن عدليا جو ڪهڙو فيصلو ايندو؟ عدليا جي آڏو ڪيترائي ڪيس پنهنجن فيصلن جا منتظر آهن. هر فيصلو هڪ ڌر لاءِ مسرت ۽ ٻين ڌر لاءِ ملال جو باعث بڻجندو. پر انهن سڀني مقدمن کان وڌيڪ اهم اها منجهيل صورتحال آهي، جنهن ۾ سڀ کان اهم سوال اهو پيدا ٿي چڪو آهي ته ملڪ جهڙي ريت انارڪيءَ جي رستي تي هلي پيو آهي، ان جي اهڙي بي مهار سفر کي ڪهڙي ريت روڪجي؟ هن انتشار ۾ افهام ۽ تفهيم کي ڪهڙي ريت لاڳو ڪجي؟ ڪهڙي ريت اهو توازن تلاش ڪجي، جيڪو ڪجهه وقت کان وٺي پنهنجي وجود جو ڪو اتو پتو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
ملڪ جي منجهيل ۽ منتشر وجود کي ميڙي سهيڙي هڪ متحرڪ ۽ مضبوط صورت ڏئي، کيس مثبت منزل جو فطري مسافر بڻائڻ واري ضرورت کي ته هر باشعور فرد شدت سان محسوس ڪري رهيو آهي پر اصل سوال آهي ته اهو ڪارنامو ڪير سرانجام ڏيندو؟
هن وقت تائين ڏاهن جو ڏس اهو آهي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي پاڻ ۾ ويهي نئين سفر جي نئين شروعات ڪرڻي پوندي.
ڇا سپريم ڪورٽ پاران مذاڪرات تي اصرار جو مطلب به اهوئي آهي؟