پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ پرائمري استاد ۽ ميونسپل ملازم جا پاڻي جي ٽانڪين مان لاش هٿ

مٺي: مٺي ۾ 2 سرڪاري ملازم گهر اندر پاڻي جي ٽانڪين ۾ ٻڏي ڌار ڌار فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ مٺي جي توڪل ڪالوني ۾ پرائمري استاد موتي رام ميگهواڙ جو سندس ئي گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي مان لاش مليو، وارثن کيس اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وارثن ۽ پوليس موجب استاد موتي رام ميگهواڙ وهنجڻ لا گهر جي احاطي ۾ ٺھيل پاڻي جي ٽانڪي مان بالٽي ڀرڻ ويو، جتي پير ترڪڻ سبب ٽانڪي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، سندس لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف شھر جي کتري پاڙي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ملازم سنتوش ڪمار کتري جو به گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي مان لاش مليو، جنهن کي وارثن خودڪشي واقعو قرار ڏئي بنا پوسٽ مارٽم جي لاش جو اگني سنسار ڪري ڇڏيو. پوليس موجب واقعي جو اسان کي اطلاع نه ڏنو ويو، وارثن بنا پوسٽ مارٽم ۽ پوليس ڪاروائي جي لاش جو اگني سنسار ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان جو دماغي توازن درست نه هو، هن گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد اصل حقيقت سامهون اچي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button