پاڪستانسنڌ

مقصودي رند ۾ وائيس چيئرمين حاجي خان تلهاڻي لاڏاڻو ڪري ويو

مقصودو رند: مقصودو رند ويجھو يوسي 68 حسين آباد جو وائيس چيئرمين پ پ اڳواڻ حاجي خان تلھاڻي اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو، حاجي خان 60 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو، سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن ۽ برادري جي معززن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان بلالي سرڪار ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جو تڏو يوسي حسين آباد جي ڳوٺ فضل تلھاڻي ۾ وڇايو ويو آهي. ٻئي طرف نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سرپرست رحيمداد رند، صدر بھادر رند ۽ ٻين گھري ڏک جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button